ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي گهر تي پوليس چڙهائي ، پوليس جي 5 کان 6 پوليس موبائيلن ۾ وردي ۽ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار موجود هئا ، پوليس جي وڏي نفري حليم عادل شيخ جي گهر ۾ داخل ٿي پر حليم عادل شيخ گهر ۾ موجود نه هو، پوليس جي وڏي نفري حليم عادل شيخ جي گهر جي تلاشي وٺي رهي آهي.پي ٽي آءِ پاران سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي گهر تي پوليس چڙهائي جي مذمت ڪندي ترجمان پي ٽي آءِ چيو آهي ته پرامن احتجاج ڪرڻ هر شهري جو قانوني حق آهي. ڪراچي ۾ اڄوڪي احتجاج کي روڪڻ لاءِ پوليس ڇاپا هنيا آهن، سنڌ پيپلز پارٽي جي جمهوري حڪومت نه پر آمريت آهي، پوليس جي غير قانوني ڪاررواين کان نه ڊڄنداسين،