مريخ تي ماکي جي مناري جهڙا نشان ڇا جا؟ سائنسدان ڪائنات جي رازن تي حيران

خلائي تحقيق ڪندڙ اداري ناسا جي ’ڪيوريوسٽي‘ روور مريخ تي هڪ اهڙي حيران ڪندڙ دريافت ڪئي آهي، جنهن سائنسدانن کي به حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. روور گذريل مهيني مريخ جي ’ويلي گرانڊي‘ نالي واديءَ ۾ ماکيءَ جي مناري جهڙين گهڻ ڪنڊين ۽ بند شڪلين جو هڪ وسيع سلسلو دريافت ڪيو.

ناسا موجب، جيتوڻيڪ ڪيوريوسٽي مشن ان کان اڳ به اهڙيون بڻاوتون ڏسي چڪو آهي، پر پهريون ڀيرو هڪ ئي هنڌ تي ايڏي وڏي انگ ۾ اهي شڪليون نظر آيون آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته هيل تائين اها خبر ناهي پئي ته اهي پراسرار بڻاوتون آخر ڪيئن وجود ۾ آيون. جيتوڻيڪ، سائنسدانن کي اميد آهي ته روور پاران گڏ ڪيل ڄاڻ ۽ انگ اکر هن راز تان پردو کڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

ڪيوريوسٽي مشن جي منصوبي سان لاڳاپيل سائنسدان اشون واساوادا چيو ته روور مريخ تي ڪيترائي دلڪش منظر رڪارڊ ڪيا آهن، پر گهڻ ڪنڊين شڪلين جو هي وسيع منظر سائنسدانن کي انتهائي متاثر ڪندڙ لڳو.

سندس چوڻ موجب، انهن بڻاوتن جي شڪل ۽ ڪيميائي خاصيتن جو تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي، ته جيئن معلوم ڪري سگهجي ته اهي ڪهڙي عمل جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيون.

ناسا موجب، انهن گهڻ ڪنڊين شڪلين جي جو قطر لڳ ڀڳ 1.3 کان 3 انچ تائين آهي ۽ اهي ڀرسان موجود هڪ ٽڪريءَ، جنهن کي ’مِيرا فلورِيز‘ نالو ڏنو ويو آهي، جي چوڌاري واري علائقي تائين پکڙيل آهن.

سائنسدانن کي اميد آهي ته هي دريافت مريخ جي قديم جاگرافيائي تاريخ ۽ ماضيءَ جي ماحول کي سمجهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.

You might also like