ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور بيٽر ويرات ڪوهلي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ هڪ ٻيو وڏو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.
ويسٽ انڊيز خلاف پهرين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ اڌ سينچري مڪمل ڪندي ويرات ڪوهلي 15 هزار هڪ ڏينهن واري رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو ٻيو ۽ تيز ترين بيٽر بڻجي ويو.
ڪوهلي رڳو 303 اننگز ۾ اهو سنگ ميل عبور ڪيو، جڏهن ته ان کان اڳ اهو رڪارڊ ڀارت جي اڳوڻي بيٽر سچن ٽنڊولڪر وٽ هو، جنهن 377 اننگز ۾ 15 هزار رنسون مڪمل ڪيون هيون.
ميچ ۾ ويرات ڪوهلي 9 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 139 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.
ڀارت پهرين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن واري سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ويسٽ انڊيز پهريان بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 295 رنسون ٺاهيون. جسٽن گريوز 101 ۽ جان ڪيمپبل 62 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڀارتي اسپنر ڪلديپ يادَو 40 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون.