ڀارتي اداڪارا ڪريتي سينن بهار جي جموي ضلعي ۾ پيش آيل واقعي تي جاري بحث دوران صنفي اڻبرابري ۽ مرداڻي بالادستي واري سوچ خلاف آواز اٿاريو آهي.
ڪريتي سينن سماجي رابطن واري ميڊيا تي لکيو ته مسئلو مردن ۽ عورتن وچ ۾ مقابلي جو ناهي، پر عورتن جو مقابلو مرداڻي بالادستي ۽ عورت مخالف سوچ رکندڙ مردن ۽ انهن عورتن سان آهي، جيڪي اهڙي سوچ کي روايتن جو حصو سمجهن ٿيون.
سندس اها پوسٽ جموي ۾ ڏهين جماعت جي هڪ شاگردياڻي ۽ سندس هم جماعت ڇوڪري سان مبينا بدسلوڪي واري واقعي تي عوامي ڪاوڙ دوران سامهون آئي.
پوليس موجب، ٻنهي شاگردن کي موٽر سائيڪل تي واپس ويندي ماڻهن جي هڪ ٽولي روڪي مبينا طور تشدد ۽ جسماني توڙي جنسي بدسلوڪي جو نشانو بڻايو. واقعي جي وڊيو پکڙجڻ کانپوءِ جاچ ٽيم جوڙي وئي، جڏهن ته مک جوابدار نندن يادَو کي گرفتار ڪيو ويو آهي.