سائنسدانن خلا ۾ قدرتي کنڊ جي موجودگي جو پتو لڳائي ورتو آهي. ماهر هن دريافت کي ڪائنات ۾ زندگي جي ڳولا ۽ ڌرتيءَ تي زندگي جي شروعات کي سمجهڻ لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏئي رهيا آهن.
محققن ايريٿرولوز (Erythrulose) نالي قدرتي کنڊ اسان جي ڪهڪشان ملڪي وي جي مرڪزي حصي ڏانهن موجود خلائي علائقي ۾ دريافت ڪئي آهي.
ڌرتيءَ تي هي کنڊ قدرتي طور رسبيري جهڙن ميون ۾ ملي ٿي، جڏهن ته ڪجهه هٿرادو طور چمڙي جو رنگ ڀورو ڪرڻ وارين شين ۾ پڻ استعمال ڪئي ويندي آهي.
سائنسدانن موجب کنڊ زندگي جي بنيادي جزن مان هڪ آهي، ڇاڪاڻ ته اها ڊي اين اي ۽ آر اين اي جي ٺهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، جڏهن ته خلين جي ڪيترن ئي حياتياتي عملن لاءِ توانائي فراهم ڪرڻ ۾ پڻ حصو وٺي ٿي.
ماهرن جو اهو به خيال آهي ته زندگي جي شروعات دوران به کنڊ اهم ڪردار ادا ڪيو هوندو.
بهرحال، هيل تائين اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته اهڙي قسم جي کنڊ ڌرتيءَ يا خلا ۾ ڪهڙي طريقي سان وجود ۾ آئي، ڇاڪاڻ ته تجربگاهن ۾ ڪيل تجربن مان خبر پئي آهي ته زندگي جي شروعات کان اڳ موجود حالتن ۾ هن قسم جي کنڊ جو ٺهڻ سولو نه هو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته خلا ۾ قدرتي کنڊ جي هي دريافت ان سوال جو جواب ڳولڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي ته ڌرتيءَ تي زندگي جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ ڇا ڪائنات جي ٻين حصن ۾ پڻ زندگي لاءِ گهربل بنيادي جزا موجود ٿي سگهن ٿا.