آگسٽ 12 تي ناياب مڪمل سج گرهڻ جو نظارو ٿيندو

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ لکين ماڻهو هلندڙ مهيني 12 آگسٽ تي آسمان ۾ ناياب مڪمل سج گرهڻ جو نظارو ڪندا.

ماهرن موجب مڪمل سج گرهڻ گرين لينڊ، آئس لينڊ، اسپين، اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ اتر روس مان ڏسي سگهجي ويندو، جتي چنڊ مڪمل طور سج کي ڍڪي ڇڏيندو ۽ ڪجهه لمحن لاءِ سج جو ٻاهريون حصو، جنهن کي ڪورونا چيو وڃي ٿو، چٽو نظر ايندو.

هي سج گرهڻ عرب ملڪن مان نظر نه ايندو. البت، اتر آفريڪا، خاص طور اولهه آفريڪا جي ڪجهه علائقن ۾ سج گرهڻ جو غيرمعمولي طور تي نمايان جزوي نظارو ڏسي سگهجي ويندو.

الجزائر جي ڪجهه هنڌن تي چنڊ سج جو لڳ ڀڳ 96 سيڪڙو حصو ڍڪي ڇڏيندو، جيڪو هن خطي ۾ سج گرهڻ جو سڀ کان نمايان منظر هوندو.

اهڙيءَ طرح مراڪش جي گاديءَ واري شهر رباط ۾ سج جو لڳ ڀڳ 88 سيڪڙو حصو گرهڻ جي لپيٽ ۾ ايندو، جڏهن ته تيونس ۽ موريتانيا ۾ سج جو ترتيبوار لڳ ڀڳ 50 ۽ 46 سيڪڙو حصو گرهڻ سبب ڍڪجي ويندو.

فلڪيات جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته سج گرهڻ کي سڌو سنئون اکين سان ڏسڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. ان ڪري سج گرهڻ جو مشاهدو رڳو منظور ٿيل سج گرهڻ وارن چشمن يا محفوظ مشاهدي وارن اوزارن ذريعي ئي ڪرڻ گهرجي.

You might also like