رڳو 2026 ختم ٿيڻ ڏيو! سام سنگ ڌماڪيدار انٽري لاءِ تيار؟ هر سهولت واريون 5 موبائلون

سام سنگ جي ايندڙ فولڊ ٿيندڙ سمارٽ فونن بابت هڪ نئين ليڪ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڪمپني 2027ع دوران پنج مختلف فولڊ ٿيندڙ اعليٰ درجي جا موبائل فون تيار ڪري رهي آهي، جن ۾ ممڪن طور تي پهريون رول ٿيندڙ اسڪرين وارو فون پڻ شامل ٿي سگهي ٿو.

رپورٽ موجب سامهون آيل ڪوڊ نيم B9، H9، Q9A، Q9B ۽ Z9 آهن.

ذريعن موجب B9 امڪاني طور تي گليڪسي زيڊ فلپ 9، جڏهن ته H9 گليڪسي زيڊ فولڊ 9 جو ڪوڊ نيم آهي، ڇاڪاڻ ته گذريل ماڊلز فلپ 8 ۽ فولڊ 8 جا ڪوڊ نيم به ترتيبوار B8 ۽ H8 هئا.

ليڪ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته Q9A ۽ Q9B غالباً گليڪسي زيڊ فولڊ 9 الٽرا ۽ ٽرائي فولڊ 2 جا مختلف ماڊل يا نسخا آهن. تنهن هوندي به، ان بابت هن وقت تائين ڪا سرڪاري تصديق سامهون نه آئي آهي.

سڀ کان وڌيڪ ڌيان Z9 ڪوڊ نيم حاصل ڪيو آهي. ذريعن موجب هي ڊوائيس بناوت جي لحاظ کان روايتي موبائل فون بدران ڪنهن ٽيبليٽ جهڙي نظر اچي ٿي، جنهن سبب اندازا لڳايا پيا وڃن ته اها سام سنگ جي پهرين رول ٿيندڙ اسڪرين واري ڊوائيس ٿي سگهي ٿي.

بهرحال، سام سنگ انهن اطلاعن بابت هن وقت تائين ڪو به سرڪاري بيان جاري ناهي ڪيو، تنهن ڪري انهن دعوائن کي في الحال رڳو ڳجها ليڪ ئي سمجهيو پيو وڃي.

You might also like