محسن نقوي ۽ ملڪ احمد خان ذريعي صدر زرداريءَ ڏانهن سخت پيغام؟

اسلام آباد(ميان شاهد+سعيد قاضي)آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ نون حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي. هاڻي انهن وٽ ان وقت 24 سيٽون آهن. انهن جون مخصوص سيٽن سان ملائي 30 کان وڌيڪ سيٽون ٿي وينديون. اليڪشن جو چوٿون مرحلو اڃا ٿيڻو آهي، گڏوگڏ رياست فيصلو ڪيو آهي ته  جن رياست جي رٽ کي چئلينج ڪيو آهي ۽ اتي دهشتگردي ڦهلائي آهي، انهن کي معاف نه ڪيو ويندو. جن فورسز جي جوانن کي شهيد ڪيو آهي انهن کي به معاف نه ڪيو ويندو، جڏهن ته محسن نقوي ۽ صدر آصف علي زرداري جي لاهور ۾  ملاقات ٿي آهي، اڃا تائين ججن جي مقرري واري سمري تي تي صدر زرداري صحيح ناهي ڪئي، وفاقي سرڪار کي ان تي حڪمت عملي جوڙڻي آهي ته  ڇا ڪرڻو آهي. جڏهن ته صدر زرداري سان جيڪي ملاقاتون ٿيون آهن، اهي  فائدي مند  ناهن ٿيون، ان جو ڪو نتيجو ناهي نڪتو ۽ اسٽيبلشمينٽ پاران به فيصلو ٿي چڪو آهي ته صوبا ٺاهڻا آهن ۽ سنڌ ۾ صوبا ٺهڻا آهن ان تي صدر زرداري ۽ پيپلز پارٽي مڃڻ لاءِ تيار ناهن ته سنڌ ۾ صوبا ٺهن، سنڌ تقسيم ٿئي،امڪان آهي ته پيپلز پارٽي مڃي ته هڪ انتظامي ڪنٽرول تحت جيڪي سنڌ جون ڊويزنون آهن يا ضلعا آهن، انهن کي بااختيار ڪيو وڃي، ان تي ڪو مسئلو ناهي، انهن کي ضلعي حڪومتون ٺاهي ڏنيون وڃن. پر صوبن تي اها سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،محسن نقوي نظام ۾ خرابي بابت جيڪو بيان ڏنو اهو ٺيڪ آهي ڇو ته ڪنهن آفيس ۾ هليا وڃو ته توهان جو رشوت کان سواءِ ڪم نٿو ٿئي.  ٻيو عوام جو پئسو عوام تي توهان خرچ نٿا ڪريو، عوام ۾ بيچيني آهي. حڪمران اشرافيه جي نااهلي ۽ ذاتي مفادن سبب عوام جا مسئلا حل نه پيا ٿين اشرافيه کي ٻڌايو ويو آهي ته هي ڪم ٿيڻو آهي. ۽ گڊ گورننس نه ٿي رهي آهي،جڏهن ته مسلم ليگ نون ڀت تي لکيل  پڙهي چڪي آهي.ان حوالي سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان به صدر زرداري سان ملاقات ڪئي آهي،جنهن ۾ ملڪ جي تازي سياسي صورتحال تي ڳالهايو ويو هوندو ۽ صلاح مشورا ٿيا هوندا،اسٽيبلشمينٽ پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته نين تجويزن تي ڪم ٿيڻو ئي ٿيڻو آهي،ان جي پويان جيڪا ورڪنگ هئي اها مڪمل ڪئي وئي آهي. باقاعده بریفنگ ڏني وئي آهي ته ڪيترا صوبا ٺهڻا آهن، بریفنگ ڏني وئي آهي ته گورننس ڪئين ٿيڻي آهي، هي به بریفنگ ڏني وئي آهي ته سڌارا ڪيئن ٿيڻيا آهن. بيوروڪريسي بابت به فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيڪو ڪم نہ ڪندو اهو نه رهندو پر سسٽم ۾ خرابين جي اصل سببن جو ته حل ئي نٿو ڪڍيو وڃي،زرداري جي جاءِ ڪو ٻيو اچي وڃي، ڪهڙو فرق پوندو؟ توهان عوام جي پئسي جو رخ پنهنجي پرڏيهي بئنڪن ڏانهن، ٻاهرين ملڪ جائيدادن ڏانهن موڙي رهيا آهيوجيستائين توهان مافيا جي ان اتحاد کي نٿا ٽوڙيو، ڪجهه به نه ٿيندو! هڪ کان پوءِ ٻيو مسئلو ٿيندو. توهان ڏهن قسم جا سسٽم آزمائي وٺو،ڪا به تبديلي نه ايندي، ملڪي معيشت تباهه ٿي رهي آهي،اسان جي اشرافيه هر سال 10 کان 12 ارب ڊالر جون دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ جائيدادون خريد ڪري رهي آهي،اسٽيبلشمينٽ ڪرپشن جي ان سمنڊ آڏو ته ڪو بند ٻڌندي نظر نه پئي اچي

You might also like