اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان اڄ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ملڪ ۾ ٽن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ اڄ پيٽروليم شين جي اگهن جو تعين ڪيو ويندو، جڏهن ته 29 سيپٽمبر لاءِ پيٽروليم شين تي وڌيڪ رليف ملڻ جي اميد آهي.
ذريعن موجب، ڊيزل جي اگهه ۾ 3 رپيا 55 پيسا، جڏهن ته پيٽرول جي اگهه ۾ 1 رپيو 37 پيسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.
آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) اڄ رات نوان اگهه طئي ڪندي.
واضح رهي ته ٽيڪسن ۾ تبديلي سبب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي يا وڌيڪ واڌ جو اختيار حڪومت وٽ موجود آهي.
You might also like