ايشين گيمز ۾ ارشد نديم کان ٽائيٽل جو دفاع به نه ٿيو، ڪو ميڊل به هٿ نه آيس

ناگويا (ويب ڊيسڪ) اولمپئن جيولين ٿرور ايٿليٽ ارشد نديم ايشين گيمز 2026 ۾ پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ مردن جي جيولين ٿرو فائنل ۾ چوٿين پوزيشن حاصل ڪئي.
جپان جي شهر ناگويا ۾ ٿيل فائنل مقابلي ۾ ارشد نديم جي پهرين ٿرو 76.69 ميٽر پري ويو، جڏهن ته سندس ٻيو ٿرو ضايع ٿي ويو.
ٽئين ٿرو ۾ ارشد نديم نيزو 80.29 ميٽر پَري اُڇلائڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
جڏهن ته سندس چوٿون، پنجون ۽ ڇهون ٿرو به ضايع ٿي ويو.
مقابلي ۾ ارشد نديم چوٿين نمبر تي رهيو ۽ پنهنجي ٽائيٽل جو دفاع ڪرڻ سان گڏ ميڊل حاصل ڪرڻ ۾ به ناڪام رهيو.
سريلنڪا جي روميش پاٿيراج 88.55 ميٽر جي ٿرو سان پهرين پوزيشن ماڻي، جڏهن ته ڀارت جي يشوير سنگهه 85.72 ميٽر جي ٿرو سان ٻئي ۽ سندس هم وطن روهت يادَو 84.35 ميٽر جي ٿرو سان ٽئين نمبر تي رهيو.
گذريل سال ارشد نديم 86.4 ميٽر جيولين ٿرو ڪري ايشين ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ گولڊ ميڊل کٽيو هو.
پاڪستاني ايٿليٽ 2024ع ۾ پئرس اولمپڪس دوران 92.97 ميٽر پري جيولين اُڇلائي اولمپڪ رڪارڊ قائم ڪيو هو.

You might also like