2026 جي پهرين ٽه ماهي دوران سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فونز جا انگ اکر سامهون اچي ويا

دنيا ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ سمارٽ فون ڪنهن اينڊرائيڊ ڊيوائس ٺاهيندڙ ڪمپني جو نه پر ايپل جو آءِ فون 17 آهي.
سمارٽ فونز جي وڪري جا انگ اکر جاري ڪندڙ ڪمپني ڪائونٽر پوائنٽ ريسرچ 2026ع جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فونز بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
رپورٽ موجب، جنوري کان مارچ 2026ع دوران سڄي دنيا ۾ ايپل جي آءِ فونز جي هاڪ رهي.
ان عرصي دوران آءِ فون 17 سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فون رهيو.
مجموعي طور تي ان عرصي ۾ سڄي دنيا ۾ وڪرو ٿيندڙ سمورن سمارٽ فونز ۾ آءِ فون 17 جو ڪل ڪاٿو (شيئر) 6 سيڪڙو رهيو.
ٻيو نمبر آءِ فون 17 پرو ميڪس جي حصي ۾ آيو، جڏهن ته آءِ فون 17 پرو ٽئين نمبر تي رهيو.
ڏکڻ ڪوريائي ڪمپني سام سنگ جي گليڪسي اي 07 فور جي ۽ گليڪسي اي 07 فائيو جي جي حصي ۾ ترتيب وار چوٿون ۽ پنجون نمبر آيو.
ڇهين نمبر تي ايپل جو آءِ فون 16 رهيو، جيڪو 2025ع ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ سمارٽ فون هو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي جي شرح ۾ ڊگهي عرصي کان واڌ ٿي رهيو آهي ۽ ماڻهن جي خريد ڪرڻ جي قوت متاثر ٿي آهي، پر ايپل جا آءِ فون اڃا به سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿي رهيا آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فونز جي پرزن جي قيمت ۾ واڌ سبب اينڊرائيڊ فون تيار ڪندڙ ڪمپنين کي وڌيڪ دٻاءُ جو منهن ڏسڻو پوندو..
رپورٽ موجب، سڄي دنيا ۾ ريم جي کوٽ سبب فونز جي اگهن ۾ مسلسل واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ اهو سلسلو برقرار رهڻ جو امڪان آهي.
ان کان اڳ جنوري کان مارچ 2025ع دوران به دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فونز ۾ آءِ فونز سرفرست هئا.
ان عرصي ۾ آءِ فون 16 دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ سمارٽ فون ثابت ٿيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.