منشيات خلاف هلندڙ آپريشن ۽ ڪجهه زميني حقيقتون

غلام حسين لغاري

منشيات خلاف سڄي سنڌ ۾ ڀرپور آپريشن جو آغاز ڪيو ويو آهي جنهن ۾ منشيات فروشن جا نه صرف محفوظ ٺڪاڻا تباهه ڪيا پيا وڃن پر گهٽ گهيڙ بند ڪيا پيا وڃن خاص ڪري بلوچستان کان سنڌ ۾ داخلي رستا شامل آهن اهو سٺو ڪم آهي جو نوجوانن کي نشي جي لعنت کان بچائڻ جو ٻيو ڪو به رستو ناهي رهيو۔هن آپريشن ۾ وڏي انگ ۾ منشيات فروش گرفتار ٿي چڪا آهن ملوث پوليس اهلڪارن خلاف به تاديبي ڪاروائي سامهون آئي آهي وڏي ڳالهه اها ڏسڻ ۾ ملي آهي ته اهي دوڪان ۽ مانڊٺيون جتي زيڊ اي سوپاريون ۽ نشي آور شيون وڪرو ٿينديون هيون اهي به ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن پر هن وقت تائين منشيات ڊان گولو پڪڙ هيٺ ناهي آيو جن جا منشيات ڪاروبار هلن ٿا ننڍڙو ته پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ  لآءِ سيٺين جو پالڻهار بڻيل هوندو آهي۔جڏهن ڪو سيٺ هٿيڪو ٿئي ڪو طاقتور هٿيڪو ٿئي ڪو اسيمبلي ميمبر هٿيڪو ٿڏهن سمجهبو ته آپريشن منشيات ڪامياب ويو آهي۔

جڏهن جمهوريت نه هئي ايوب جي مارشل لا هئي يا ٻين آمرن جي حڪومت هئي يا وري فرنگين يعني انگريزن جي حڪومت هئي تڏهن ايڪڙ ٻيڪڙ ڏوهه ٿيندا هئا وڌ ۾ وڌ ٺرو ڀنگ آفيم سو به ڪٿي ڪٿي لڪ ڇپ ۾ وڪرو ٿيندو هو واپرائيندڙن جو انگ به محدود هوندو هو هاڻ جڏهن اڌ صدي کان جمهوري حڪومتن جو وجود آيو آهي عام ڏوهن ۽ منشيات جي خاتمي وارا ادارا مختلف نالن سان وڌيا آهن انهن جو عملو ۽ آفيسر به وڌيا آهن پوءِ به ڏوهه وڌن منشيات جو واهپو وڌي گهرن جا گهر ۽ ان جا نوجوان زندگيون وڃائي ويهن ڪيڏو نه وڏو الميو چئبو جو اسان ادارن هوندي پوليس هوندي ايڪسائيز ۽ نارڪوٽڪ پوليس هوندي به پنهنجي سنڌ کي بدامني ۽ منشيات جي لعنت کان بچائي ناهيون سگهيا ۽ هاڻ جڏهن هٿن مان هر شئي نڪري چڪي آهي ته آپريشن مٿان آپريشن ڪيا پيا وڃن۔اهو به ضروري ناهي ته آپريشن جا فوري جلدي نتيجا نڪرن وقت لڳندو جنهن  لآءِ پوليس سميت منشيات ۽ نارڪوٽڪ ادارن کي مضبوط صاف سٿرو بڻائڻو پوندو جن ۾ ڪاريون رڍون سردارن وڏيرن وزيرن ڪامورن جو بنا ميرٽ اولاد هاري ناري ويٺل آهي۔                                            مان 1965کان صحافت سان واڳيل رهيو آهيان جنگ پي پي آءِ نيوز ايجنسي جو سرگرم رپورٽر رهيس ته روزاني اخبارن ۾ سينئر نيوز ايڊيٽر  طور به ڪم ڪيو ۽ وقت جي دبنگ پوليس آفيسرن سان انتهائي ويجهي کان رهيس خاص ڪري دادو ۾ فائز  وقت جي ايس ايس پي رب کي به ڏٺم پرکيم جيڪو چوندو هو ته اوپر وه رب هي نيچي کا مين رب هون جنهن بعد ۾ لاڙڪاڻي ۾ خودڪشي ڪئي يا ڪنهن ماريو۔رب جو ايترو ته ڏهڪاءُ هوندو جو ڪنهن به وڏيري کي سندس آفيس ۾ وڃڻ ۽ ساڻس ملڻ جي جرئت نه ٿيندي هئي. ڏينهن هجي يا رات بنا ڪنهن پروگرام ۽ پوليس پروٽوڪول جي نڪري پوندو هو ٽانگن تي به سادا ڪپڙا پائي چڙهي پوندو هو ۽ ماڻهن سان پوليس روين جو خود جائزو وٺندو هو ايتري قدر جج ٿاڻي تي ويٺل ۽ قيد هر ماڻهو کان پڇا ڳاڇا ڪندو هو جنهنڪري ٿاڻي جو عملو به خوف کائيندو هو۔شهر ۾ چورين ۽ ڦرن جو ته نالو ئي نه هوندو هو، تڏهن کاٽ لڳندا هئا سي به ايڪڙ ٻيڪڙ. پيري ايترا ته ڄاڻو هوندا هئا جو چور ۽ چوري هٿ ڪري ڏيکاريندا هئا هاڻ اهو ڪم ڪتن کان ورتو وڃي ٿو بيگناهه ڦاسجن ٿا۔جڏهن ايس ايس پي رب جي خودڪشي واري خبر منظرعام تي آئي هئي ته لاڙڪاڻو شهر سناٽي ۾ تبديل ٿي ويو هو ماڻهو رنا۔ سردار عبدالرحيم رئيساڻي پير بخش بلوچ ۽ ڪجهه ٻين سان به تمام ويجهڙائي رهي رئيساڻي صاحب ٻچن جيان عزت ڏيندو هو۔ سندس دور ۾ مبين ڏاهري صديق ڳهيلو ڌاڙيل مقابلي ۾ مارڻ جي دعوي ڪري ڏيکاريا ويا ته مان اهڙن جڙتو مقابلن کي وائکو ڪيو هو جنهن تي رئيساڻي صاحب سخت ڪاوڙيو ۽ مان به کائنس دوري اختيار ڪئي پر هن ان ڳالهه کي اڳتي هلي مڃيو هو ته هنن ڌاڙيلن کي پنهنجن ئي مارايو هو۔محب شيدي هجي يا پرو چانڊيو ۽ علي گوهر چانڊيو سي به پوليس نه پر پنهنجن سنگتين جي ڪوشش سان پوليس هٿان ماريا ويا۔ڪاروڪرڪلي جو موت به ڪجهه ايئن ٿيو هو۔

اوائلي دور ۾ ايس ايس پي حقيقي طور سي ايس ايس هئا جيڪو انتهائي ڏکيو ۽ حساس امتحان سڏبو هو ڏينهن رات محنت ڪبي هئي جيڪي قانون ۽ عوام جي روين کي ڄاڻيندا هئا ڏوهه ٿيندا هئا پر نه هجڻ جي برابر هوندا هئا۔ايس ايس پي دادو مرحوم پير بخش بلوچ جيڪو سنڌ يونيورسٽي ڪنووڪيشن دوران دل جو دورو پوڻ سبب گذاري ويو هو انجو هڪ ٿڃ پياڪ ڀاءُ جيڪو نوسر باز  ٽولي سان واڳيل سڏبو هو تنهن کي به ٻين سمورن نوسربازن سان گڏ گرفتاري جو حڪم ڏنو گرفتار ٿيا جو وقت جا پوليس آفيسر اصول عهدن سان سچا هوندا هئا هاڻ عهدن سان نه پر سردارن وڏيرن سان سچا آهن۔

اڳ ۾ پوليس ايف آءِ آر ڪٽڻ ۾ دير نه ڪندي هئي هاڻ 22 اي بي جو سهارو وٺڻو پوي ٿو سو به عدالت پوليس رپورٽ تي اعتماد ڪري ٿي ڀلي ڪنهن سان ناانصافي ٿئي۔ماضي ۾ نوجوان سي ايس ايس جو امتحان ڏئي پوليس آفيسر ٿيندا هئا هاڻ به ٿين ٿا پر گهڻو ڪري سردارن ۽ وڏيرن يا وزيرن جا ٻار سڌو سنئون ڪوٽا تي اچن ٿا۔سپاهي به سردارن ۽ وڏيرن جي اوطاقن تي ڪم ڪندڙ ۽ ٻهاريدار ڀرتي ٿيل آهن جن کي نه وردي جو خيال آهي نه وري قانون جي خبر۔رستن تي عزتدارن کي گهليندا نظر ايندا۔هاڻ نه اهي پوليس آفيسر رهيا آهن نه وري سپاهي تڏهن ته سنڌ ۾ بدامني منشيات جو ڪاروبار وڌيل آهي۔عدالتون به هنن جون جج به هنن جا پوليس به هنن جي اسان جهڙن سادن صاف سٿرن امن جي پوڄارين کي انصاف ڪٿان ٿو ملي سگهي۔هٿيار کڻڻ جي همٿ اسان وٽ ناهي جو ڪنهن ڏوهاري جو اک اک ۾ وجهي مقابلو ڪجي۔پوليس سان مهاڏو اٽڪائڻ به درد سر آهي۔

بهرحال سنڌ ۾ هلندڙ منشيات آپريشن جنهن نموني شروع ڪيو ويو آهي انجي پويان ڪو ٻيو هٿ ناهي۔هن آپريشن وسيلي منشيات فروشن جا اجها ڊاهڻ جو مقصد اهو به آهي ته سرڪاري زمينن تي ٿيل ناجائز قبضا واپس وٺڻ آهي جن تي منشيات فروشن جا سالن کان قبضا آهن ڪجهه ڏينهن ۾ سرڪاري ماڻهن جو به آپريشن ٿيڻ وڃي رهيو آهي۔رڳو ملڪ رياض ۽ سندس پٽ کي هٿڪڙين سميت پاڪستان پهچڻ ڏيو گهڻن جا ڪنڌ جهڪي پوندا۔بلوچستان ۽ سنڌ جا گهٽ گهيڙ بند ڪرڻ جا به ٻٽا مقصد آهن رڳو منشيات ترجيحات ۾ ناهي۔گهٽ گهيڙ ڀلي بند ڪريو جيڪڏهن قومي اوليت آهن پر انهن جو به خيال رکڻ گهرجي جيڪي جابلو علائقن ۾ رهن ٿا کاڌ خوراڪ علاج ۽ مزدوري خاطر شهرن ڏانهن اچن ٿا۔رهيو سوال پوليس منشيات ۽ نارڪوٽڪ ادارن جي مضبوطي ڏوهن ۽ منشيات جي خاتمي جي ته هنن ادارن جو به آپريشن ٿئي گذريل ويهارو کن سالن ۾ يا ان کان اڳ ڀرتي ٿيلن جي به ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي ته انهن ۾ ڪم ڪندڙ ڪير آهن ڪنهن ڀرتي ڪرايا آهن ڪيتري اهليت رکن ٿا سندن خانداني ماضي ڪهڙو رهيو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.