چانهه کي پاڪستان ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي، ۽ ائين لڳندو آهي ته ڪجهه ماڻهو ته ان کي هر وقت پيئڻ پسند ڪندا آهن، جڏهن ته چانهه جا صحت تي ڪيئي هاڪاري اثر پون ٿا.
چانهه ۾ ڪيفين، فلورائيڊ ۽ فليونولز سميت ڪيترائي غذائي جزا موجود آهن، جيڪي صحت کي فائدو پهچائيندا آهن. مختلف تحقيقي رپورٽن مان معلوم ٿيو آهي ته چانهه پيئڻ سان دل جي بيمارين، شوگر ۽ ٻين مرضن جو خطرو گهٽجي سگهي ٿو.ڍ
پر سوال اهو آهي ته روزانو ڪيترا ڪوپ چانهه پيئڻ صحت لاءِ لاڀائتو آهي؟
هڪ اندازي موجب، چانهه جي هڪ ڪوپ ۾ لڳ ڀڳ 40 ملي گرام ڪيفين موجود هوندي آهي. ڪيفين سان ذهني ۽ جسماني طور الرٽ رهڻ ۾ مدد ملي ٿي، پر ان جي وڌيڪ مقدار دل جي ڌڙڪن جي رفتار ۽ بلڊ پريشر کي وڌائي سگهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ بيچيني يا ٿڪ جو احساس پيدا ٿي سگهي ٿو.
اهڙي طرح وڌيڪ چانهه پيئڻ سان جسم کي خوراڪ ۾ موجود آئرن جذب ڪرڻ ۾ به ڏکيائي پيش اچي سگهي ٿي. ڪجهه تحقيقي رپورٽن موجب، هن شربت جي وڌيڪ مقدار استعمال ڪرڻ سان ڪجهه دوائن جا اثر به متاثر ٿي سگهن ٿا.
ڪيترا ڪوپ چانهه پيئڻ بهتر هوندو آهي؟
مختلف تحقيقي رپورٽن ۾ هن سوال جو جائزو ورتو ويو آهي، ڪجهه رپورٽن موجب، روزانو 2 کان 4 ڪوپ چانهه پيئڻ محفوظ آهي، جڏهن ته ڪجهه ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته روزانو 10 ڪوپ چانهه پيئڻ سان به صحت کي ڪو خاص نقصان نٿو ٿئي.
ان باوجود، طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته 3 کان 5 ڪوپ روزانو چانهه پيئڻ اڪثر ماڻهن لاءِ محفوظ هوندو آهي، ان کان وڌيڪ مقدار استعمال ڪرڻ سان ناڪاري اثرن جو خطرو وڌي سگهي ٿو ۽ اهو به ممڪن آهي ته هر فرد جي جسم تي چانهه ۾ موجود مرڪبن جو ردعمل مختلف هجي.
نوٽ: هي مضمون طبي رسالن ۾ شايع ٿيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، پڙهندڙن کي گهرجي ته ان حوالي سان پنهنجي معالج سان ضرور مشورو ڪن.