سنڌي ثقافتي ڏهاڙو، سڃاڻپ ۽ پنج هزار سالن جي تهذيب جو جشن

آفتاب عالم مهر

سنڌ اها ڌرتي، جتي انسانيت جي پهرين لکت کان وٺي صوفي ازم جي مهڪ تائين جو روشن نشان ڇڏيل آهي، اڄ به پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ سان زندھ آهي. اها رڳو جاگرافيائي حدبندي ناهي، پر هڪ اهڙو آستانو آهي جتي ماڻهو مٽيءَ سان عشق ڪن ٿا، جتي فصلن جا ٻج ۽ ماڻهن جا جذبا پنهنجي اصليت سان محفوظ آهن. سنڌ جون وايون، لوڪ گيت، صوفي شاعرن جا ساز، ڪچهرين جا آواز،  سنڌي ٻولي جو رس، ۽ ماڻهن جا چهرا هڪ اهڙي تهذيب جو اظهار ڪن ٿا، جيڪا صديون گذرڻ باوجود قائم آهي.

سنڌي ثقافتي  ڏهاڙو صرف ڪو تاريخي ڏينهن ناهي، پر پنهنجي سڃاڻپ کي محسوس ڪرڻ، ياد ڪرڻ ۽ نئين سر اجاگر ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ھر سال ڊسمبر ۾  پھرين آچر تي ٿڌ ۾ جڏهن شهرن ۾ اجرڪن جا رنگ پکڙجن ٿا، ٽوپيون سج وانگر چمڪن ٿيون، ۽ بزرگ کان ٻارن تائين خوشيءَ جي روشني هر چهري تي عيد جھڙي خوش نظر اچي ٿي، تڏهن محسوس ٿئي ٿو ته پنج هزار سال پراڻي سنڌي تھذيب اڃا ساڳي جهلڪ سان زندھ آهي. هي ڏينهن قوم کي ياد ڏياري ٿو ته فقط لباس نه، پر پنهنجي تهذيب، روايت ۽ سڃاڻپ سان فخر ڪرڻ جي ضرورت آهي. قومون صرف تاريخ سان نه بچنديون آهن، پر يادگيري، عمل، جدوجهد ۽ پنهنجي سڃاڻپ جي حفاظت سان ئي محفوظ رهن ٿيون.

سنڌي ايڪتا ڏهاڙو ٻڌائي ٿو ته سنڌي نوجوان، جديد ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ به، پنهنجي سڃاڻپ، ثقافت ۽ تھذيب کي پنهنجي دل ۾ زندهه رکن ٿا. سنڌو درياءَ جي وهڪري، موھن جي دڙي جون فخريه ديوارن، صوفي درگاھ، شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جا بيت، هر شيءِ سنڌي قوم کي هڪ مخصوص شناخت ڏئي ٿي. ۽ جيڪڏهن ڪو هڪ نشان آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ سنڌ جي ثقافت کي پيش ڪري سگهي ٿو، اهو اجرڪ ۽ ٽوپي آهي. اجرڪ رڳو ڪپڙو نه آهي، پر پنج هزار سال پراڻي تهذيب موھن جي دڙي جو عڪس آهي. ان ۾ شامل سڀ رنگ جھڙوڪ، ڳاڙهو رنگ جذبي ۽ قرباني جو، ڪارو مضبوط ارادي جو، اڇو امن ۽ پاڪيزگي جو، نيرو درياھ ۽ آسمان جو، ۽ ناسي رنگ ڌرتي سان محبت جو پيغام ڏي ٿو. سڀ رنگ گڏجي هڪ اهڙو پيغام ڏين ٿا جيڪي سنڌ ۾ محبت، ثقافت ۽ قومي شناخت جو ترجمان آهن. سنڌي ٽوپي به رڳو پوشاڪ نه پر عزت، شان ۽ سڃاڻپ جو تاج آهي. مرد جڏهن ٽوپي پائي ٿو ته اهو فقط سينگار نه، پر پنهنجي نسلن جي روايت ۽ ثقافت جو اعلان آهي. عورت جڏهن اجرڪ جي چادر اوڙھي ٿي، ته اها رڳو چادر نه پر عزت، محبت ۽ نسلن جي مهڪ پاڻ سان گڏ کڻي ٿي.

ثقافتي ڏهاڙي تي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لڳندڙ ريليون، لوڪ گيت، سنڌ جي مٽيءَ کي خوشبو سان ڀري ڇڏين ٿا. شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين صوفي شاعرن جي ڪلام تي ٿيندڙ محفلون محبت، امن ۽ انسانيت جو پيغام پهچائن ٿيون. نوجوان جڏهن ٽوپي ۽ اجرڪ سان رقص ڪن ٿا، ته اها رڳو جشن نه پر پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت سان تعلق جو اعلان آهي. هي ڏينهن ٻڌائي ٿو ته سنڌي قوم مذهب، زبان يا علائقي کان مٿاهون ٿي، محبت ۽ گڏيل سڃاڻپ ۾ متحد رهي ٿي. ثقافت صرف ڪتابن ۾ لکيل نه، پر ماڻهن جي روين، ڳالهائڻ، لباس ۽ محبتن ۾ موجود هوندي آهي. سنڌي سماج خاموشيءَ سان محبت پيدا ڪري ٿو ۽ نفرت کي نفرت سان نه پر محبت سان جواب ڏئي ٿو.

ثقافتي ڏهاڙو اهو سڀ ڪجهه ٻيهر ياد ڪرائي ٿو. اهو ماڻهن کي مجبور ڪري ٿو ته هو پنهنجي ٻولي کي وڌيڪ محبت سان ڳالهائين، پنهنجن بزرگن جي روايتن کي سمجهن، پنهنجي تاريخ کي پڙهن، پنهنجي نسلن ۾ پنهنجي سڃاڻپ منتقل ڪن. ڇو ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته جيڪا قوم پنهنجي ثقافت وڃائي ويهندي آهي، اها قوم دنيا جي نقشي تان مٽجي ويندي آهي. سنڌي نوجوان جڏهن سوشل ميڊيا تي پنهنجي تصوير اجرڪ ۽ ٽوپي سان اپلوڊ ڪن ٿا، تڏهن اهو رڳو ٽرينڊ نه، پر پنهنجي ثقافت کي مستقبل ڏانهن منتقل ڪرڻ جو اعلان هوندو آهي. هر تصوير، هر وڊيو، هر پوسٽ ثقافت جي زندھ هجڻ جو ثبوت آهي. هڪ وقت هو جڏهن سنڌي ثقافت جو جشن صرف شهرن تائين محدود هوندو هو، پر اڄ اها دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ملهائجي ٿي. آمريڪا، دبئي، رياض، دوحا، لنڊن، شڪاگو، ممبئي، ڪينيا  مطلب ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هر هنڌ سنڌي پنهنجو لباس پائي فخر محسوس ڪن ٿا، ڇاڪاڻ⁠  ته سڃاڻپ جو جشن جتي به ملهايو وڃي ٿو، اهي پنهنجي ماڻهن ۽ ثقافت کي پاڻ سان ڳنڍين ٿا. سنڌ ثقافتي ڏهاڙو رڳو جشن نه پر هڪ سوچيل وقت جي ضرورت به آهي. اها ضرورت ته سنڌي ماڻهو پنهنجن حقن، ننگن، دنگن، سڃاڻپ ۽ ثقافتي وجود لاءِ گڏ رهن. هي ڏينهن ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن اسان گڏ رهنداسين ته اسان جي تاريخ به محفوظ رهندي، اسان جا ورثا به، اسان جا وسيلا به، اسان جي تھذيب، اسان جا ادارا به، اسان جو ادب به، اسان جي ٻولي به ۽ اسان جون ايندڙ نسلون به محفوظ رھنديون. سنڌ جو حسن ئي ان جي ثقافتي تنوع ۾ آهي. ٿر جا رنگ، ڪوٽڙي جا ساز، لڪي شاھ صدر جا بيت، ڀٽ شاھ جي شاهڪار شاعري، ڪوهستان جي ڌڻين جو عشق، مڪليءَ جا مقبرا، سيوهڻ جي صوفي پرستي، ڪراچيءَ جو ثقافتي ميلاپ، سڀ گڏ ٿي سنڌي تهذيب جو مڪمل نقشو پيش ڪن ٿا. اهو سڀ ڪجهه جڏهن هڪ ئي ڏينهن ۾ گڏ ملهايو وڃي ٿو ته اهو ڏينهن ثقافت نه پر انسان جي احساسن جو وڏو ميلو ۽ قومي عيد بڻجي وڃي ٿو.

اڄ جڏهن دنيا ۾ نسلي نفرتون وڌي رهيون آهن، ماڻهو زبان، رنگ، نسل ۽ فرقن ۾ ورهائجي رهيا آهن، تڏهن سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو انسانيت ۽ گڏجڻ جو پيغام ڏئي ٿو. اهو ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن صوفي ازم، رواداري ۽ محبت تي ٻڌل سماج هجي ته اختلافن ۾ به حسن پيدا ٿيندو آهي. سنڌ اهو ئي حسن آهي جيڪو ماڻهن جي وچ ۾ محبت ۽ ماڻهن جي وچ ۾ هڪٻئي کي قبول ڪرڻ جو به سبق ڏئي ٿو. سنڌ ثقافت جو ڏهاڙو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌ وٽ فقط پراڻو ورثو نه پر مستقبل پڻ روشن آهي.اجرڪ ۽ ٽوپي رڳو تاريخ ۽ تهذيب نه پر معيشت جو نئون باب بڻجي سگهن ٿا. جيڪڏهن حڪومت ۽ ادارا سنجيدگي سان ڪم ڪن ته ٽوپي اجرڪ، رلي، ڀرت ڀريل ڪپڙا، سينگار، ڪاريگري عالمي مارڪيٽ ۾ برانڊ بڻجي سگهن ٿا. سو سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ماضيءَ جي ياد، حال جو جشن ۽ مستقبل جي تعمير جي علامت آهي. اهو ٻڌائي ٿو ته ثقافت دل ۾ آباد احساس آهي، ۽ جڏهن اهو احساس محفوظ رهندو، ته قوم صديون زندھ رهندي. سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو هڪ اعلان به آهي، اسان سنڌي آهيون، اسان پنهنجي مٽي جا وفادار آهيون، اسان جي ثقافت محبتن جو سفر آهي، اسان پنج هزار سال پراڻي تهذيب جا امين آهيون، ۽ اسان جي سڃاڻپ سدائين زندهه رهندي. هي ڏينهن سنڌ کي صرف رنگ نه پر روح، دل ۽ ساهه ڏئي ٿو. جيستائين ثقافت جو ساهه زندهه آهي، سنڌ، سنڌيت ۽ سنڌ جو مستقبل ھميشه محفوظ رھندو.!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.