اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات کانپوءِ اڄ ئي روانو ٿي ويندو.
سفارتي ذريعن موجب، ايراني وفد جو في الحال پاڪستان ۾ وڌيڪ ترسڻ جو ڪو ارادو ناهي، پرڏيهي وزير عباس عراقچي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ اڄ ئي روانو ٿي ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عباس عراقچي وفد سان گڏ عمان ۽ روس جي دوري تي ويندو.
ٻئي پاسي ايراني نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سربراهه ابراهيم عزيزي چيو آهي ته عباس عراقچي پاڪستان جي دوري دوران رڳو ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.
هن واضح ڪيو ته دوري دوران جوهري معاملي تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، ڇو ته جوهري معاملو ايران جي ”ريڊ لائنز“ مان هڪ آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن عباس عراقچي جي قيادت ۾ ايراني وفد اسلام آباد پهتو هو.
ان کانپوءِ وائيٽ هائوس جي ترجمان آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي امن ڳالهين ۾ آمريڪي وفد جي شرڪت جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر اڄ ڳالهين لاءِ پاڪستان روانا ٿيندا.
Prev Post
You might also like