سپريم جڊيشل ڪائونسل اجلاس ۾ چيف جسٽس ۽ جسٽس منيب ۾ ڏند چڪ

اسلام آباد( معظم فخر): اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سميت ملڪ جي چئني هاءِ ڪورٽس ۾ ججن جي مقرريءَ متعلق سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل اجلاس سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن وچ ۾ ڇڪتان، ججن جا هڪ ٻئي خلاف تلخ ريمارڪس ۽ اجلاس مان واڪ آئون، سپريم ڪورٽ جي ڪافي ججن متعلق اها راءِ به موجود آهي ته اهي جج پنهنجي عدالتي دائري ۾ رهندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي غير ضروري ۽ قانون کان مٿاهيون سهولتون ۽ رعايتون ڏئي رهيا آهن، لاهور هاءِ ڪورٽ سميت ملڪ جي چني هاءِ ڪورٽن ۾ ججن جي مقررين متعلق سپريم ڪورٽ جي ججن جي ٿيل اجلاس کي به تحريڪ انصاف جي سهولتڪاريءَ جي هڪ ڪڙي سمجهيو وڃي ٿو. جوڊيشل ڪميشن جي اهڙي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي سمورن ججن شرڪت ڪئي جنهن جي صدارت چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسي ڪري رهيوي هو. سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ بدمزگي ان وقت ڏسڻ ۾ آئي جڏهن چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جسٽس منصور علي شاهه کي گذارش ڪئي ته سندس سربراهي ۾ نون ججن جي مقرريءَ لاءِ رولز جوڙيل واسطي جيڪا ڪميٽي جوڙي وئي هُئي ان جي رپورٽ ڏيو ته جيئن انهن جي روشنيءَ ۾ نون ججن کي مقرر ڪري سگهجي، جسٽس منصور علي شاه رپورٽ پڙهڻ شروع ڪئي ته وچ ۾ کيس جسٽس منيب روڪيندي چيو ته اوهان اهي رولز هن وقت منظور نه ڪيو، جيستائين پارليامينٽ نون ججن جي مقرريءَ لاءِ ڪا قانون سازي نه ٿي ڪري، تنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسى کيس چيو ته نون ججن جي مقرريءَ لاءِ پارليامانيٽ جا اختيار  برقرار آهن ۽ پارليامينٽ پنهنجو ڪم ڪر ي رهي آهي پر جيستائين پارليامينٽ پنهنجو ڪم مڪمل ڪري تيستائين عدليه ۾ ججن جي مقرريءَ جي ڪم کي روڪي نه ٿو سگهجي جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته عدالتن جو ڪم رڪجي ويندو، ائين چئي جسٽس قاضي فائز عيسى جسٽس منصور علي شاه کي وري پنهنجي رپورٽ پڙهڻ لاءِ چيو ته هڪ دفعو وري جسٽس منيب وڌيڪ شدت ۽ تلخيءَ سان کيس روڪيندي چيو ته هتي پنهنجي پسند جا فيصل مڙهيا ٿا وڃن ۽ ڪجهه ماڻهو نه ٿا چاهين ته جسٽس  محسن اختر ڪياني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس ٿئي. جسٽس محسن اختر ڪيانيءَ جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ٿيڻ واري معاملي کي ڄاڻي واڻي بحث جو موضوع بڻايو ويو جنهن بعد اجلاس ۾ ڪافي تلخي ٿي وئي ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسى ۽ جسٽس منيب وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ جسٽس منيب اهو چوندي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويو ته جيڪڏهن سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ سينيئر ججز جي راءِ جو ڪوبه احترام نه ڪيو ويندو ته پوءِ اهڙي اجلاس ۾ ويهڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.