اکين کان محروم نوجوان سي ايس ايس امتحان ۾ ڪامياب

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 27 ورھين جي اکين کان محروم سي ايس ايس ڪامياب اميدوار ايرل حسين سان اربع ڏينھن وزيراعليٰ ھائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس پاڪستان جي فارن سروس ۾ شموليت تي دل جي گهراين سان واڌايون ڏنيون. ارل حسين سي ايس ايس جو امتحان 2024ع جي بيچ ۾ ڪاميابي سان پاس ڪيو ۽ کيس سندس پهرين ترجيح مطابق فارن سروس آف پاڪستان لاءِ چونڊيو ويو. هن موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ايرل حسين جي ڪاميابي ثابت ڪري ٿي ته ھمت، محنت ۽ پڪي پھھ اڳيان ڪا به جسماني معذوري رڪاوٽ نٿي بڻجي سگهي. سيد مراد علي شاهه نوجوان آفيسر کي ڀاڪر پائيندي چيو تھ توهان اسان سڀني جو نالو فخر سان مٿي ڪيو آهي. ايرل حسين پنهنجي تعليمي سفر بابت ٻڌايو ته هن خاص ٻارن جي اسڪول مان شروعاتي تعليم حاصل ڪئي، بعد ۾ سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان تعليم مڪمل ڪئي. هن وڏي وزير کي عرض ڪيو ته بس سروس ۾ ڊيجيٽل يا وائيس اسسٽڊ سسٽم شامل ڪيو وڃي ته جيئن بصارت کان محروم ماڻهو ايندڙ بسن کي سڃاڻي سگهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ خاص ماڻهن جون وڌندڙ ڪاميابيون سنڌ حڪومت جي فلاحي ڪوششن جو نتيجو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.