ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن لاءِ اي چالان جو نظام ڪنهن آفت کان گهٽ ثابت ناهي ٿيو. نظام شروع ٿيڻ جي ٻن ڏينهن اندر ڇهه هزار کان وڌيڪ برقي چالان ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هزارين وڌيڪ چالان پروسيسنگ ۾ آهن. جن جي مجموعي رقم ساڍا 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي. ٽريفڪ پوليس موجب، وڌيڪ ترين چالان تيز رفتاري، سياه شيشي، سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ ۽ سگنل ٽوڙڻ تي ڪيا ويا آهن. صرف بغير هيلمٽ موٽرسائيڪل هلائيندڙن تي پنج سئو کان وڌيڪ چالان ڪيا ويا آهن. پوليس جي نئين شرح مطابق، جيڪڏهن ڪو بائيڪ سوار غلط رخ ۾ ويندو، ته ان کي 25 هزار روپيا ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو، ڪار هلائيندڙن تي ٽيهه هزار، جيپ هلائيندڙن تي پنجاهه هزار ۽ ٽرڪ يا ڊمپر هلائيندڙن تي هڪ لک روپيا تائين ڏنڊ ٿي سگهي ٿو. بائيڪ تي تيز هلائڻ تي پنج هزار روپيا جرمانو پڻ رکيو ويو آهي.ٻئي طرف، عوام سوال ڪري رهيا آهن ته آخر ڪراچي ۾ ڏنڊ ايترا وڌيڪ ڇو آهن، جڏهن ته لاهور ۽ اسلام آباد ۾ اهي ئي خلاف ورزيوں گهٽ رقم تي حل ٿي وڃن ٿيون. لاهور ۽ اسلام آباد ۾ جرمانن جي رقم گهٽ آهي. لاهور ۾ اي چالان جي تحت موٽرسائيڪل کي اوور اسپيڊنگ تي صرف 200 رپيا ڏنڊ لڳو ڪار کي 750 روپيا ڏنڊ، بناهيلمٽ موٽرسائيڪل هلائڻ تي 2000 روپيا جو چالان *سگنل ٽوڙڻ تي ڪار يا جيپ جو 500 روپيا ۽ وڏي گاڏين جو 1000 روپيا تائين جرمانو لڳندو.ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي خلاف ورزي تي جرمانو تمام وڌيڪ آهي، جنهن تي عوام ۾ پريشاني پئي رهي آهي.