ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ٽريفڪ پوليس جي سربراهه ڊي آءِ جي پير محمد شاهه پاڻ ئي پنهنجي مهم جو عملي مثال بڻجي ويا، سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ تي سندن سرڪاري گاڏي جو 10 هزار رپين جو اي چالان جاري ٿي ويو، رپورٽ موجب ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي استعمال هيٺ ايندڙ گاڏي جو ايچالان ڪراچي ۾ ٿي چڪو آهي، پير محمد شاهه پاڻ به چالان جي تصديق ڪندي چيو ته گاڏي جو چالان گارڊن جي علائقي ۾ ٿيو، گاڏي ڊرائيور هلائي رهيو هو ۽ سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ تي 10 هزار رپين جو اي چالان ٿيو، هن چيو ته مان يقينن اهو چالان ڀريندس ۽ ڊرائيور کي سختي سان چيو آهي ته هر ڀيري سيٽ بيلٽ ضرور لڳائي، ڊي آءِ جي وڌيڪ ٻڌايو ته گاڏي سينٽرل پوليس آفيس جي ايڊريس تي رجسٽرڊ آهي ۽ چالان کان پوءِ سيٽ بيلٽ جي پابندي تي خاص زور ڏنو ويو آهي، واضح رهي ته 27 آڪٽوبر کان ڪراچي ۾ اي چالان جو نئون نظام لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت پهرين ئي ڏينهن 2662 اليڪٽرانڪ چالان جاري ڪيا ويا.