آزاد ڪشمير حڪومت سازي لاءِ ايوان صدر ۾ اجلاس تي ن ليگ کي خدشا

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن آزاد ڪشمير جي پارليماني اڳواڻ راجا فاروق حيدر ايوان صدر جي سياسي استعمال تي تحفظات جو اظهار ڪري ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي، اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو ته آزاد ڪشمير ۾ حڪومت جي تبديلي لاءِ ايوان صدر جو استعمال درست نه هو. ايوان صدر ۾ آزاد ڪشمير جي سياسي بحران تي اجلاس ٿيڻ صحيح عمل ناهي، ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي ان معاملي ۾ خاص احتياط ڪرڻ گهرجي هئي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ وزيراعظم جي تبديلي جو فيصلو نواز شريف کي ڪرڻو آهي، پيپلزپارٽي به پنهنجي قيادت، آصف علي زرداري يا بلاول ڀٽو سان مشاورت ڪرڻ کانپوءِ فيصلو ڪري. بلاول ڀٽو جي صدارت ۾ زرداري هائوس ۾ اجلاس ٿيڻ ۾ ڪا قباحت ناهي. راجا فاروق حيدر وڌيڪ چيو ته ايوان صدر ۾ اجلاس آزاد ڪشمير جي سياسي تبديلي بابت سوالات پيدا ڪري رهيا آهن. ايوان صدر جو سياسي استعمال غيرجانبداريءَ جي اصولن جي خلاف آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي کي فيصلو ڪرڻ جو حق ضرور آهي، پر رياستي علامتن جو سياسي استعمال درست ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.