جي يو آءِ مخالف ڌر اڳواڻ لاءِ محمود خان اچڪزئي جي حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) جي يو آءِ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ لاءِ محمود  اچڪزئي جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ وفد جي اسد قيصر جي اڳواڻي ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي.  ملاقات دوران پي ٽي آءِ وفد مولانا کان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي مقرري لاءِ محمود خان اچڪزئي جي حمايت ڪرڻ ۽ ووٽ ڏيڻ  جي درخواست ڪئي،ملاقات ۾ پي ٽي آءِ درخواست تي مولانا اچڪزئي جي حمايت ڪئي. اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان (ٽي ٽي اي پي) پاران قومي اسمبلي ۾ قائد حزب اختلاف بڻائڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.ياد رهي ته قومي اسمبلي جي ايون زيريں ۾ قائد حزب اختلاف جي سيٽ 5 آگسٽ تي پي ٽي آءِ جي عمر ايوب خان جي نااهلي کانپوءِ خالي آهي. جي يو آءِ (ف) جي "ايڪس” تي جاري ڪيل بيان موجب، پي ٽي آءِ جو هڪ وفد اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي رهائش گاهه تي پهتو، جتي جے يو آءِ محمود خان اچکزئي جي نامزدگي جي حمايت تي رضامندي ظاهر ڪئي.پي ٽي آءِ جي وفد ۾ اسد قيصر، پي ٽي آءِ خيبر پختونخوا (ڪي پي) جا صدر جنيد اڪبر، ۽ شهراهام خان ترڪي شامل هئا، جڏهن ته جي يو آءِ سربراهه سان گڏ مولانا صلاح الدين ايوبی، ايڊووڪيٽ جلال الدين ۽ انهن جو پٽ مولانا اسجد محمود موجود هئا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.