ٺٽو(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي پ پ سينيٽر سسئي پليجو چيو آهي ته اهي ڳالهيون ڪجهه عرصي کان عام هيون ته 26هين ترميم کانپوءِ 27هين ترميم اچي رهي آهي،26هين ترميم تي به ماڻهن کي خدشا هئا،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته 27هين ترميم جو ڊرافٽ اڃا ڏٺو ناهي،افسوس جي ڳالهه آهي ته پ پ جي ووٽن سان هي حڪومت هلي پئي پر پارٽي جي جن به دوستن سان ڳالهه ٿي انهن به چيو آهي ته کين اهو ڊرافٽ ناهي ڏيکاريو ويو،هن چيو ته وفاقي وزير راڻا تنوير چئي رهيو آهي ته ارڙهين ترميم ۾ تبديليون ٿينديون،اين ايف سي ايوارڊ ۾ به تبديلي جي ڳالهه هلي رهي آهي،حالانڪه صوبن جو حصو وڌائڻ گهرجي،اوگرا ۾ سنڌ جي نمائندگي ناهي،گئس ۽ بجلي پيدا ڪرڻ باوجود سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ آهي،روينيو اوڳاڙي ۾ سنڌ اڳڀري آهي،هن چيو ته سينئر صحافين جي بقول پهرين 36،پوءِ 34 هاڻي 9 نوان صوبا ٺاهڻ جي تجويز ڏني وئي آهي،انتظامي يونٽ جي نالي تي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو پيو وڃي،اها ڳالهه چوندي به تڪليف ٿي رهي آهي،نون صوبن لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهربل هوندي آهي،ايتري وڏي سطح جي ترميمن تي پ پ کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو،پ پ کي اعتراض ڪرڻ گهرجي،پنجاب جي نمائندگي ڪندڙ وفاقي ڪابينا پئي فيصلا ڪري،اقتصادي فورم ۾ به سنڌ جي نمائندگي ناهي،هن چيو ته 27هين ترميم ۾ بندرگاهن جو به ذڪر آهي،سنڌ تي وار پيو ٿئي ۽ وڏيرا ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ ۾ مصروف آهن،سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ٿي ته سنڌ جا نوجوان،هاري،وڪيل،پورهيت اهڙي پارليامينٽ کي نه مڃيندا،ڪي پي وارا ايترو وڏو پريشر سهن پيا پر مائننگ وارو بل اڃا تائين روڪيو ويٺا آهن،هن چيو ته ڪراچي جا واپاري گورننس جو بهانو ڪري سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه پيا ڪن،ايم ڪيو ايم وارا به سنڌ ٽوڙڻ لاءِ رڌل آهن، ڪڏهن ڪنهن وڏي اردو چئنل جو مالڪ نون صوبن جي لابنگ پيو ڪري،سڀني جي نظر ڪراچي تي آهي،سنڌ جا ماڻهو پاڻي سميت صوبي جي وحدانيت تي گهڻو حساس آهن.