ڪرم ۾ آپريشن دوران ڪيپٽن ۽ 5 جوان شهيد، 7 دهشت گرد مارجي ويا

ڪرم (م ڊ) سيڪيورٽي فورسز طرفان خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ ڀارتي سرپرستي هيٺ هلندڙ دهشتگرد تنظيم فتنهالخوارج خلاف ڪارروائي دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيپٽن سميت پاڪ فوج جا 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز کي ضلعي ڪرَم جي علائقي ڊوگار ۾ دهشتگردن جي موجودگي بابت ڳجهو اطلاع مليو هو ، جنهن تي فوري طور ڪارروائي ڪئي وئي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪارروائي دوران اهلڪارن مقابلو ڪندي 7 دهشتگردن کي ماري وڌو، دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو 24 ورهين جو ڪيپٽن نعمان سليم ۽ ٻيا 5 جوان شهيد ٿي ويا، ڪيپٽن نعمان سليم جو واسطو ضلع ميانوالي سان هو، هو پاڪ فوج جو نوجوان ميڊيڪل آفيسر هو. ٻين شهيد اهلڪارن ۾ حوالدار امجد علي،  نائڪ وقاص احمد، سپاهي اعجاز علي، سپاهي محمد وليد، سپاهي محمد شهباز شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.