شڪارپور/مٽياري (رپورٽ زاھد سنجراڻي+ضمير خاصخيلي) شڪارپور. مٽياري واسي پورھيت زاھد ميمڻ کي پوليس گھوٽڪي جي ڪچي واري علاقي مان بازياب ڪرائي ورتو آھي انھي حوالي سان بازياب ٿيل زاھد ميمڻ جي ڀاءُ شاھد ميمڻ عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو ته صوبائي وزير شرجيل ميمڻ راول ميمڻ ۽ ٻين ھمدردن جي ڪوششن سان منھنجو ڀاءُ بازياب ٿيو آھي عوامي آواز ميڊيا گروپ سميت سڀني صحافين جا ٿورائتا آھيون جن ڏکي وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو. ھن چيو تهاسان ڪو به ڀنگ نه ڀريو آھي مھنجي ڀاءُ سان ڳالھه ٿي آھي اڄ گھڻن ڏينھن بعد اسان جي گھر ۾ عيد جھڙين خوشين جھڙو ماحول آھي ياد رھي ته ڌاڙيلن پاران بازياب ٿيل ڊرائيور کي ملتان سبزي منڊي مان واپسي تي رستي مان اغوا ڪيو ھو ڌاڙيلن پنجويھ لک ڀنگ ٻه آئي فون جي وارثن کان گھر ڪئي ھئي مٿس بي پناه تشدد ڪري وارثن ڏانھڻ وڊيوز موڪلي ڀنگ طلب ڪيو ويو ھوڊي آئي جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو پاران مغوي کي ڪچي ۾ آپريشن بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي جڏهن ته زاهد ميمڻ هڪ مهينو اڳ ملتان ڪيلي جو واپار ڪرڻ لاءِ ويو هو جتان هو اغوا ٿي ويو هو،ذريعن موجب مغوي نوجوان عورت سان رابطي ۾ جنهن کي پئسا پڻ موڪليندو هو جنهن جي چڪر ۾ ئي اغوا ٿيو ٻئي طرف نوجوان جي گهر پهچڻ تي خوشي جي لهر ڇانئجي وئي