ملير (ڊ ر) گلشن حديد فيز 2 مان هلندڙ پيپلز بس سروس جي بندش سبب مريضن، شاگردن، عورتن ۽ نوڪري پيشه ماڻهو سخت پريشان، پاڪستان پيپلزپارٽي جي صوبائي قيادت ۽ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ کان گلشن حديد جي سول سوسائٽي جي اڳواڻ آصف جهتيال، جميل چانڊيو، مصطفيٰ عباسي ۽ ٻين گهر ڪئي آهي ته پيپلز بس سروس جو جيڪو روٽ فيز 2 کان هلندو تنهن کي في الفور بحال ڪري شهرين کي سهولت ڏني وڃي.