نوشهروفيروز/ڏهرڪي ( نمائندن وٽان ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو ته ارسا جي قانون ۾ ترميمون آڻڻ سان انڊس ريور سسٽم تباھه ٿي ويندو، ھن چيو ته ارسا ايڪٽ پاڻي جي ورھاست ۽ 1991 پاڻي ٺاھه تي وڏن خدشن باوجود سنڌ واسين ان معاھدي کي قبول ڪيو، ايوان صدر ۾ اجلاس سڏائي ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون ڪرڻ ۽ 1991 پاڻي ٺاھه کي تبديل ڪرڻ ۽ نوان ڪينال کولڻ جي ڳالھه ڪئي وئي آھي، سنڌين جي زندگي جو مسئلو آھي جيڪو اسان کي قبول ناھي، سنڌو درياءَ تي سڀ کان وڌيڪ حق سنڌ واسين جو آھي ڇاڪاڻ ته سنڌ پڇڙي جو صوبو آھي،سمنڊ م پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ سنڌ جي زرعي زمين ڳڙڪائيندو پيو وڃي، آصف زرداري سنڌ دشمن آھي،سنڌ اسيمبلي جي ٺھراءُ کانپوءِ صدر آصف زرداري بنا دير استعيفا ڏئي اھو غير قانوني ۽ غير آئيني بڻجي ويو آهي، نوان ڪينال ڪنھن به صورت ۾قبول ناھي جڏھن پاڻي آھي ئي نه ته ڪينال ڪئين ٿا نڪرن، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ سدائين واري اڏامي ٿي،آباد زمينن کي غير آباد ڪري ليز زمينن کي آباد ڪرڻ ڪھڙو انصاف آھي، 19 سيپٽمبر تي سڄي سنڌ ۾احتجاج ڪيو ويندو ، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي چيو ته 1991 ٺاھه ۾واضع آھي ته سنڌو ڌرياءَ تي سنڌ جو حق آھي ان جي حصي جو پاڻي نه کنيو ويندو،ڪھڙي ضرورت آھي ارسا ۾ ترميم آڻڻ جي،اسيمبلين ءِ سينيٽ جي ھوندي آرڊيننس ڪئين ٿو آڻي سگھجي، صوبن کان پچڻ کانسواءِ ترميم نٿي آڻي سگھجي، گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جو فيصلو قبول ناھي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سنڌ کي تباھه ڪرڻ جي سازش قبول نه ڪنداسين.