ڊيرا مراد جمالي (ويب ڊيسڪ) ڊيرا مراد جمالي ۾ قومي شاهراهه تي پوليس موبائل تي دستي بم حملي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس اختيارين موجب ڊيرا مراد جمالي ۾ قومي شاهراهه تي گشت پوليس موبائل تي اڻڄاتل ماڻهن دستي بم سان حملو ڪيو.
زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن ۾ هڪ عورت ۽ ٻه ٻار به شامل آهن، جڏهن ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي جو گهيرو ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.
You might also like