ڪيڪ جو آخري ٽڪرو ڇو کاڌئي؟ عورت جو 25 ورهين جي پراڻي شادي ختم ڪرڻ جو فيصلو

مڙس طرفان ڪيڪ جو آخري ٽڪرو کائڻ تي عورت 25 سالن جي پراڻي شادي ختم ڪري ڇڏي.
عورت پنهنجي 25 ورهين جي شادي ختم ڪرڻ کانپوءِ ريڊٽ ڪميونٽي کان مشورو طلب ڪيو، ڇو ته مڙس ان جي ڪيڪ جو ٽڪرو کاڌو هو، پوسٽ ۾ 46 ورهين جي عورت اسٽوري شيئر ڪئي، جيڪا وائرل ٿي وئي.
عورت چيو ته منهنجي 48 ورهين جي مڙس شادي جي 25هين سالگرهه جي موقعي تي مون کي حيران ڪري ڇڏيو، اسان گهڻو وڙهندا هئاسين ۽ ٽن مهينن کان ڌار ڌار سمهندا هئاسين.
عورت موجب مان اميد ظاهر ڪئي ته شادي جي سالگرهه اسان جي رشتي کي ٻيهر جيئرو ڪرڻ جو موقعو ثابت ٿيندي، مان نوٽ ڪيو هو ته حالتون بهتر ٿي رهيون هيون، اسان ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو هو.
هن لکيو ته مان چيز ڪيڪ آرڊر ڪيو ۽ اسان رات جي ماني کانپوءِ ڪيڪ کائي سمهي پياسين، صبح جو مان اٿيس ۽ فرج ۾ رکيل ڪيڪ جو ٽڪرو کائڻ ويس ته اهو نه هو، مڙس چيو ته رات دير سان مون کي بک لڳي ۽ مان اهو ٽڪرو کائي ڇڏيو.
عورت لکيو ته مان ان شخص سان ورهيه گذاريا، خاندان جي سار سنڀال ڪئي، ٻار جي پرورش ڪئي، گهر جا ڪم ڪار ڪيا ۽ پنهنجي سالگرهه جو ڪيڪ به نٿي کائي سگهان.
هن چيو ته مان اهڙي شخص جي حقدار آهيان، جيڪو نه رڳو منهنجو ڪيڪ نه کائي پر منهنجي حفاظت ڪري ۽ ڪنهن ٻئي کي به منهنجو ڪيڪ کائڻ کان روڪي، تنهن ڪري مان 25 ورهين جي شادي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.