دل جي مرضن کان بچڻ لاءِ رڳو پنڌ ڪرڻ نه پر هلڻ جو انداز وڌيڪ اهم آهي!

هڪ نئين تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته مرضن کان بچڻ لاءِ رڳو پنڌ ڪرڻ نه پر اهو اهم آهي ته توهان ڪهڙي طريقي سان ٿا هلو، مطلب پنڌ ڪرڻ کان وڌيڪ هلڻ جي رفتار ۽ تسلسل توهان جي صحت لاءِ فيصلائتو ڪردار ادا ڪن ٿا.
اها تحقيق مقبول رسالي ”اينلز آف انٽرنل ميڊيسن“ ۾ ڇپي، جنهن موجب 15 منٽ يا ان کان وڌيڪ بنا وقفي جي هلندڙ ماڻهن ۾ دل جي بيمارين ۽ وقت کان اڳ موت جو خطرو وڏي حد تائين گهٽ ڏٺو ويو.
تحقيق موجب جن ماڻهن گهٽ ۾ گهٽ 15 منٽ مسلسل واڪ ڪئي، انهن ۾ وقت کان اڳ موت جي شرح رڳو 0.8 سيڪڙو ۽ دل جي بيمارين جي شرح 4.39 سيڪڙو رهي، ان جي ابتڙ جيڪي 5 منٽ يا ان کان گهٽ وقفن ۾ واڪ ڪندا رهيا، انهن ۾ وقت کان اڳ موت جي شرح 4.36 سيڪڙو، جڏهن ته دل جي مرضن جي شرح 13.03 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
ماهرن موجب وقفي وقفي سان هلندڙ بدران مسلسل ۽ تيز رفتار واڪ رت جي رواني کي بهتر بڻائي ٿي، دل کي مضبوط ڪري ٿي ۽ جسماني چرٻي ڳارڻ ۾ وڌيڪ اثرائتي آهي.
تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته واڪ سڀ کان سادي، گهٽ خرچ ۽ اثرائتي ورزش آهي، جنهن لاءِ ڪنهن جم، اوزار يا خاص لباس جي ضرورت ناهي پر اڪثر ماڻهو هلڻ جي انداز جي اهميت کي نظرانداز ڪندا آهن.
ماهرن مشورو ڏنو آهي ته روز 15 کان 30 منٽن تائين مسلسل ۽ تيز رفتاري سان پنڌ ڪرڻ معمول بڻايو، ڇو ته اهو عمل دل کي صحتمند رکي ٿو ۽ ڊگهي ڄمار ماڻڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.