اڪثر موسم جي اثرن سبب يا ڪنهن اندروني بيماري يا ڪمزوري سبب چَپ ڪارا ٿيڻ لڳندا آهن.
ڪارن چَپن کي خوبصورت گلابي بڻائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڳاڙهن ميون جو استعمال ڪيو، توهان نارنگي، صوف، گجر کي پنهنجي خوراڪ جو حصو بڻائي پچن جي خوبصورتي بحال ڪري سگهو ٿا.
ان کانسواءِ ناريل جو تيل، گليسرين ۽ ماکي کي هلڪو گرم ڪري ان ۾ زعفران ۽ ايسينشل آئل مڪسڪ ري باقاعدگي سان چپن تي لڳايو ته ڪارپ جلد ختم ٿي ويندي ۽ چپ گلابي، نرم ۽ خوبصورت ٿي ويندا.
جيڪڏهن توهان جا چپ ڪارا ٿي ويا آهن ته چقندر کي چپن تي لڳائڻ به فائديمند ثابت ٿيندو آهي.
You might also like