واٽس ايپ جلد پنهنجي واهپيدارن لاءِ پروفائل ڪور فوٽو سيٽ ڪرڻ جي سهولت متعارف ڪرائڻ وارو آهي، ان کان اڳ اهو فيچر رڳو واٽس ايپ بزنس جي واهپيدارن لاءِ هو.
واٽس ايپ جي نئين اپ ڊيٽس ۾ واهپيدار پنهنجي پروفائل سيٽنگز ذريعي ڪور فوٽو اپ لوڊ ڪري سگهندا، ائين ئي جيئن فيس بُڪ يا لنڪڊ اپ تي ڪور فوٽو سيٽ ڪيو ويندو آهي.
ايپ ۾ ڪور فوٽو لاءِ پرائيويسي سيٽنگز به شامل ڪيون پيون وڃن، جن ۾ ماءِ ڪانٽيڪٽس، نو باڊي ۽ ايوري ون جا آپشن موجود هوندا.
اهو فيچر واٽس ايپ بيٽا ورزن 2.25.35.2 ۾ ٽيسٽنگ مرحلي ۾ آهي، جيڪو گوگل پلي بيٽا پروگرام تي موجود آهي، في الحال اهو سڀني واهپيدارن لاءِ فعال ناهي.
نئون فيچر باضابطا طور جاري ٿيڻ کانپوءِ سمورا واهپيدار پنهنجي پروفائل کي ڪور اميج ذريعي وڌيڪ پرڪشش انداز ۾ پيش ڪري سگهندا.
You might also like