ڀارتي بينڪ جي واءِ فاءِ جو نالو ”پاڪستان زنده آباد“ ۾ تبديل، ٿرٿلو مچي ويو

ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي هڪ بينڪ ۾ ان وقت ٿرٿلو مچي ويو، جڏهن بينڪ جي واءِ فاءِ نيٽ ورڪ جو نالو اوچتو ”پاڪستان زنده آباد“ ۾ تبديل ٿي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو بينگلورو جي هڪ نجي بينڪ جي برانچ ۾ پيش آيو.
پوليس ٻڌايو ته اهو معاملو ان وقت سامهون آيو، جڏهن گوورڌن سنگهه نالي هڪ شهري بينڪ جي احاطي ۾ موجود شڪي واءِ فاءِ آءِ ڊي ڏٺي ۽ فوري طور شڪايت ڪئي.
اطلاعن موجب بينڪ جو واءِ فاءِ سسٽم مرمت جي مرحلي ۾ هو ۽ ان ڪم لاءِ هڪ مقامي ٽيڪنيشن کي گهرايو ويو هو.
پر جڏهن تبديل ٿيل نالي جو انڪشاف ٿيو ته ٽيڪنيشن بينڪ مان وڃي چڪو هو ۽ ان جي موبائل فون به بند هئي، جنهن سبب شڪ وڌي ويو.
پوليس موجب ان ٽيڪنيشن جو اڃا تائين پتو ناهي پهچي سگهيو.
گوورڌن سنگهه طرفان داخل شڪايت تي پوليس رپورٽ داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.
اختياريون اها جاچ ڪري رهيون آهن ته ڇا ڪنهن ڄاڻي واڻي واهپيدارن کي تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي يا ڪو ٻيو معاملو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.