ڀلي تنقيد ڪيو پر اڄ به سڄي ملڪ جا ماڻهو روزگار ۽ علاج لاءِ ڪراچي ايندا آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اڄ تاج حيدر پل کي عوام لاءِ کوليو ويو آهي، ان پل سان ڪورنگي جي ماڻهن کي فائدو ٿيندو.
صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته پراڻي ڄام صادق پل کي ٽوڙي وڏي پل ٺاهي ويندي، ڪراچي ۾ بسن جا وڌيڪ روٽ به شروع ڪيا ويندا.
هن چيو ته ڊسمبر ۾ شاهراهه ڀٽو جو آخري فيز به مڪمل ٿي ويندو، ڪراچي ۾ ٽريفڪ وڏو چيلينج آهي، شاهراهه ڀٽو ٺهڻ سان ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽجندو.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ڀلي تنقيد ڪيو پر اڄ به سڄي پاڪستان جا ماڻهو روزگار ۽ علاج لاءِ ڪراچي ايندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.