راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪرم ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 7 خارجي مارجي ويا، جڏهن ته ڪيپٽن سميت 6 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڪرم جي علائقي دوگر ۾ ڀارتي حمايت يافتا دهشتگردن خلاف ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو، سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي 7 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيپٽن سميت 6 بهادر جوانن شهادت ماڻي، شهيدن ۾ ڪيپٽن نعمان سلمان، حوالدار امجد علي، نائيڪ وقاص احمد، سپاهي اعجاز علي، سپاهي محمد وليد ۽ سپاهي محمد شهباز شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب ڪيپٽن نعمان سليم هڪ بهادر ۽ نوجوان ميڊيڪل آفيسر هو، هن محاذ تي ميڊيڪل خدمتون انجام ڏيڻ سان گڏ دليراڻي انداز ۾ وڙهندي شهادت ماڻي.
You might also like