اسلام آباد (م ڊ): سپريم ڪورٽ جي ججن جي رٽائرمنٽ جي عمر 68 سال ڪرڻ جي تجويز ڏيڻ لاءِ آئيني ترميمن جو بل اڄ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيڻ جو امڪان آهي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف تصديق ڪئي آهي ته عدليه بابت آئيني ترميم اڄ پيش ڪئي ويندي. رپورٽ موجب آئين جي آرٽيڪل 179 موجب سپريم ڪورٽ جو جج 65 سالن جي عمر تائين عهدي تي رهندو آهي، جيستائين هو استعيفيٰ نٿو ڏئي يا آئين موجب کيس عهدي تان هٽايو وڃي. آئين جي آرٽيڪل 195 موجب هاءِ ڪورٽ جو جج 62 سالن جي عمر تائين عهدو سنڀاليندو آهي، جيستائين هو استعيفيٰ نه ڏئي يا آئين موجب عهدي تان هٽايو وڃي. حڪومت تجويز تيار ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ جي ججن جي رٽائرمنٽ جي عمر 68 سال ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي رٽائرمنٽ جي عمر وڌائي 65 سال ڪئي ويندي ۽ اهو آئيني ترميم ذريعي ئي ممڪن ٿيندو. ان کان علاوه ججن جي مقرري جي طريقي ۾ تبديلي جو به امڪان آهي، جڊيشل ڪميشن ۽ پارلياماني ڪميٽي کي هڪ بڻائڻ جي تجويز به آئيني ترميم جو حصو هوندي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حڪومت ججن جي رٽائرمنٽ جي عمر وڌائڻ لاءِ آئيني ترميم لاءِ قومي اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري ورتي، جڏهن ته سينيٽ ۾ اڪثريت لاءِ رڳو ٽي ووٽ گهربل آهن. قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اڄ 3 وڳي ۽ سينيٽ جو اجلاس اڄ شام 4 وڳي ٿيندو. ياد رهي ته آئيني ترميم لاءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي کان الڳ الڳ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهربل آهي. قومي اسيمبلي ۾ 224 ۽ سينيٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت لاءِ 63 ووٽن جي ضرورت هوندي آهي. قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي سيٽن تي 211 ۽ مخالف ڌر جي بئنچن تي 101 ميمبر آهن. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت جيڪڏهن آئيني ترميم آڻڻ چاهي ٿي ته ان کي وڌيڪ 13 ووٽن جي ضرورت پوندي. سينيٽ ۾ حڪومتي بينچن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جا 24، مسلم ليگ ن جا 19، بلوچستان عوامي پارٽي جا 4 ۽ ايم ڪيو ايم جا 3 ميمبر آهن. جڏهن ته 2 ميمبر آزاد آهن. اهڙيءَ ريت مٿئين ايوان ۾ سندن ڪل تعداد 54 ٿي ويندو، تنهنڪري حڪومت کي آئيني ترميم لاءِ وڌيڪ 9 ووٽن جي ضرورت آهي. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي ججن جي رٽائرمنٽ جي عمر وڌائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم لاءِ سينيٽ ۾ حڪومت وٽ رڳو ٽي ووٽ گهٽ آهن. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته سڀاڻي( اڄ) قومي اسيمبلي ۾ آئيني ترميم پيش ڪئي ويندي. پارليامينٽ جي راهداري ۾ غير رسمي گفتگو ڪندي خواجه آصف چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو پيو وڃي، جنهن تي صحافي سوال ڪيو ته ڇا اجلاس ۾ آئيني ترميم آندي پئي وڃي؟ خواجه آصف جواب ڏنو ته ها سڀاڻي اجلاس ۾ آئيني ترميم پيش ڪنداسين. صحافي طرفان ٻيو سوال ڪيو ويو ته ڇا آئيني ترميم لاءِ نمبر پورا آهن؟ جنهن تي بچاءَ واري وزير چيو ته ها اسان وٽ آئيني ترميم لاءِ نمبر پورا ٿي چڪا آهن.