پي ٽي آءِ جا 4 ميمبر آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندا

اسلام آباد(م ڊ) ججن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي حڪومت جي آئيني ترميم لاءِ نمبر گيم سامهون اچي وئي. پي ٽي آءِ جا 4 ميمبر آئيني  ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندا.ذريعن موجب سينٽرل پنجاب مان 2 ميمبر به ووٽ ڏئي سگهن ٿا، ٻنهي جو تعلق سني اتحاد ڪائونسل سان آهي، اڳوڻي فاٽا ۽ ڏکڻ پنجاب مان به هڪ هڪ ميمبر ووٽ ڏيندو.ذريعن موجب ٻئي هن وقت آزاد ميمبر آهن پر اپوزيشن بينچن تي ويٺا آهن. واضح رهي ته حڪومت اهم آئيني ترميمن لاءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي. حڪومت پهريان ئي دعويٰ ڪري چڪي آهي ته آئيني ترميم لاءِ ٻنهي ايوانن ۾ نمبر مڪمل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.