مھانگائي جي دور ۾ ٻيهر بجلي جي اگهن ۾ اضافو

ملڪ ۾ مھانگائي عام ماڻھون جي رواجي زندگيءَ کي مفلوج ڪري ڇڏيو آھي. اھڙي دور ۾ بھ حڪومت ملازمت ڪندڙن جي گھٽ ۾گھٽ پگھار 32 ھزار رپيا ماھوار مقرر ڪئي آھي جيڪا بھ ھر اداري ۾ انھن کي نٿي ملي.

ھي اھڙو دور آھي جڏھن بجلي،گئس ۽ٻيون سھولتون عام ماڻھون جون لازمي ضرورتون بڻجي ويون آھن.وري حڪومت بھ انھن ئي شعبن تي وڌيڪ بار وجھي رھي آھي،جنھن ڪري ھڪ عام ماڻھو جي اڳ ۾ ئي آئوٽ ٿيل بجيٽ ويتر ان مٿان واڌو بار پئجي ٿو. اھو درست آھي تھ حڪومت پئٽرول جا اگھه جيڪي اڳ ۾ وڌيا ھئا انھن کي آھستي آھستي واپس ورتو پيو وڃي.جنھن سان ڪنھن حد تائين عوام کي رليف تھ ملي ٿو پر ان جي جاءِ تي وري ڪنھن ٻئي اھڙي شعبي ۾ اگھه يا قيمتون وڌائڻ سان اھو حساب جھڙوڪر برابر ٿي وڃي ٿو.

ملڪ ۾ بجلي جي مد ۾ روز بروز اضافي سان ھي سھولت ھاڻي ذري گھٽ ھڪ عام ۽وچولي طبقي جي ماڻھن جي لاءِ ناياب ٿيڻ واري آھي.جنھن حساب سان بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آھي ان سان تھ ڪجھھ وقت بعد عام ماڻھو کان  اھا سھولت کسجي ويندي.

نگران جي اختيارين ھڪ ڀيرو ٻيھر ملڪ ۾  بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي.جنھن سان عوام تي ڌيڪ مالي بار پوندو. حڪومت موجب  سڄي ملڪ ۾ بجلي مهانگائي ڪئي وئي آهي. وڌيڪ بجلي مهانگي ڪرڻ جي ٻي درخواست به داخل ڪرائي وئي آهي. نيپرا سڄي ملڪ ۾ بجلي هڪ رپيو  15 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. بجلي جي اگهن ۾ واڌ پهرين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. نيپرا جو چوڻ آهي ته واهپيدارن کي واڌو ادائيگيون جنوري کان مارچ 2024 تائين ڪرڻيون پونديون،.ان سان واهپيدارن تي 22 ارب 29 ڪروڙ 70 لک رپين جو واڌو بار پوندو.بجلي اگهن ۾ اها واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندي. هوڏانهن مهانگائي سبب عوام تي هڪ ٻيو بجليءَ وارو بم ڪيرائڻ جي تياري ڪئي وئي آهي. بجلي 4 رپيا 66 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا کي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. نيپرا موجب اها واڌ نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ طلب ڪيو ويو آهي.

نيپرا ۾ درخواست جي ٻڌڻي 27 ڊسمبر تي ٿيندي. نيپرا کان منظوري ملڻ جي صورت ۾ صارفين تي 40 ارب رپين جو اضافي بار پوندو، امڪاني واڌ جو اطلاق بجلي صارفين تي نه ٿيندو.

ھر حڪومت جو اھو فرض ھوندو آھي تھ اھا عوام جي مفاد ۾ فيصلا ڪري جڏھن تھ ھن ملڪ ۾ ايندڙ ھر حڪومت وٽ جيڪي بھ پاليسيون جڙنديون آھن، انھن ۾ عوام جي مفادن کي ايجنڊا جو ڪڏھن بھ حصو نھ بڻايو ويندو آھي.جنھن ڪري ھر حڪومت ۾ عوام جي اھا ساڳي دانھن جاري ھوندي آھي.

اختيارين کي گھرجي تھ بجلي جي مد ۾ ڪا جٽادار پاليسي جوڙين جنھن سان ان جي قيتمن ۾ جيڪا بھ واڌ ڪرڻي آھي ھڪ ڀيرو ڪئي وڃي جئين عام ماڻھون کي پنھنجي ماھوار بجيٽ بڻائڻ يا ان بابت پلان ڪرڻ ۾ آساني ٿي.روز روز بجلي جي مد ۾ ٿيندڙ اضافي سان عوام جي بجيٽ ھر ڀيري بي ترتيب ٿي وڃي ٿي،جنھن ڪري ماڻھو وڌيڪ مالي توڙي ذھني دٻاءَ جو شڪار ٿئي ٿو.

حڪومت جي لاڳاپيل اختيارين کي گذارش ڪجي ٿي تھ ھن اھم مسئلي ڏانھن ڌيان ڏئي ڪري عوام کي وڌيڪ ڳڻتي ۾ وجھڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ بجلي توڙي پاور سيڪٽر بابت جڙندڙ پاليسي ۾ ان عام ماڻھو جي مفادن کي بھ نظر ۾ رکيو وڃي.جيڪو ھن ملڪ جي اصل قوت آھي ۽ جيڪو ھڪ عام ووٽر آھي،جنھن جي حمايت يا مخالفت سان حڪومت جي ساک جڙي ۽ بگڙي ٿي.

  •   40 لک ٻار ڪڏھن  سرڪاري  اسڪولن ۾  داخل ٿي سگھندا ؟ 

سنڌ ھاءِ ڪورٽ چيو آھي تھ سنڌ ۾ 40 لک ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن،لکين ٻار خانگي اسڪولن ۾ پڙھن ٿا،جن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آھي.اھا ڳالھھ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ڄاڻائي آھي.

جسٽس صلاح الدين پنھور جي سربراھي ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي  سنگل بينچ سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ فرنيچر جي مد ۾ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ فرنيچر جي فراهمي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته صوبي جي ڪيترن اسڪولن ۾ فرنيچر آهي ۽ ڪيترن اسڪولن ۾ ناهي؟ تفصيلي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. عدالت عمرڪوٽ ضلعي ۾ فراهم ڪيل ڊيسڪن جو معائنو ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو. ڊائريڪٽر تعليم ميرپورخاص، ڪانٽريڪٽر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر پلاننگ ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ڊيسڪن جو معائنو ڪندا.

جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ڪانٽريڪٽر پاران فراهم ڪيل ڊيسڪن جو معائنو ڪري معيار چيڪ ڪيو وڃي، ڊيسڪن جي انسپيڪشن ۾ دير نه ڪئي وڃي، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته عدالتي رڪارڊ موجب سنڌ ۾ 40 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، لکين ٻار خانگي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، انهن ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، سنڌ حڪومت انهن ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ترجيجي بنيادن تي قدم کڻي، حڪومت کي گهرجي ته ٻارن جي تعليم ۾ ڪابه رڪاوٽ نه ٿيڻ ڏئي، عدالت ۾ تعليم کاتي جي سيڪريٽري چيو ته سنڌ حڪومت 40لک ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل اسڪولن جي به مرمت ڪئي پئي وڃي.

عدالتي ڪيس ۾ سنڌ جي تعليم سان لاڳاپيل معاملا عدالتن ۾ پھچن ٿا،جنھن دوران سنڌ سرڪار جي لاڳاپيل عملدارن جي ڪم جي خبر پئي ٿي.ھن ڪيس ۾ بھ سيڪريٽري تعليم چيو آھي تھ حڪومت 40 لک ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ جي لاءِ قدم کڻي رھي آھي. اميد ڪجي ٿي تھ ڪاموري جي اھا ڳالھھ جلد سچ ثابت ٿيندي ۽ ان تي عمل پڻ ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.