اتر ڪوريا ۽ آمريڪا ۾ ٻيهر ڇڪتاڻ شروع

دنيا ۾ اتر ڪوريا واحد ملڪ آھي جيڪو آمريڪا سان سڌي ريت مھاڏو اٽڪائي رھيو آھي.تازو اترڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان خبردار ڪيو آھي تھ  جيڪڏهن دشمن جوھري ھٿيارن بابت ڀڙڪايو تھ، اسين جوھري حملي ڪرڻ  کان نھ لھرائينداسين.ھوڏانھن سيول ۽ ان جي اتحادين ”غيرمشروط ڳاليھن تي زور ڀريو آھي.

اترڪوريا جي اڳواڻ اھڙي وارننگ ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا وچ ۾ گذريل ھفتي واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ملاقات بعد ڏني آھي.جتي ٻنھي ملڪن جوھري ھٿيار ختم ڪرڻ بابت ڳالھيون ڪيون.

اجلاس جي ايجنڊا ۾ ”جوھري ۽ اسٽريٽجڪ رٿابندي“ بھ شامل هئي ۽ ٻنهي اتحادين ان ڳالهه کي ورجايو اترڪوريا طرفان، آمريڪا يا ڏکڻ ڪوريا مان ڪنھن تي به ايٽمي حملي جو نتيجو اتر ڪوريا جي حڪومت جي خاتمو جي صورت ۾ نڪرندو.

ياد رهي ته اتر ڪوريا سومر تي پنهنجو سڀ کان طاقتور بين البراعظمي(کنڊن وچ ۾ )  بيلسٽڪ ميزائل هواسونگ 18 لانچ ڪيو هو، جيڪو آمريڪا جي ڪنهن به علائقي تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

پيانگ يانگ جي سرڪاري خابرو اداري ڪي سي اين، خميس واري ڏينھن ٻڌايو تھ  اترڪوريا جي اڳواڻ فوج جي ملٽري ميزائل بيورو کي خطاب ڪندي چيو تھ “جيڪڏھن دشمن جوھري ھٿيارن سان اسان کي ڀڙڪائي ٿو تھ توھان جھوري حملي ڪرڻ کان نھ گھٻرائجو“

هن سومر تي بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل ٽيسٽ ۾ شامل فوجين ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد ڏني.

ڪم جونگ ان، چيو ته بيلسٽڪ ميزائل جي ڪيل ٽيسٽ فوج جي اعلي تحرڪ ۽ تيزي سان حملي ڪرڻ واري صلاحيت ظاهر ڪري ٿو.

گذريل ھفتي جوھري طاقت سان ھلندڙ  هڪ آمريڪي  آبدوز  ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاهه واري شهر بوسان  پهتي ھئي ۽اربع واري ڏينھن  واشنگٽن  سيول ۽ ٽوڪيو سان گڏيل فوجي مشق ڪئي ھئي.

جپان، آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي اعليٰ سفارتڪارن اربع ڏينهن هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو ھو.جنهن ۾ اتر ڪوريا جي تازي بيلسٽڪ ميزائل تجربن جي مذمت ڪئي وئي ھئي ۽ پيانگ يانگ تي زور ڀريو هو ”اڳواٽ شرطن کان سواءِ ٺوس ڳالهين“ ۾ شامل ٿئي.

 

ڪم جونگ، جي ڀيڻ ڪم يو جونگ  ھڪ جدا بيان ۾ اتر ڪوريا  پاران  ميزائل لانچ ڪرڻ بعد ان تي غور ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس طلب ڪرڻ جي مذمت ڪئي آھي.ھن چيو تھ اترڪوريا اھو تجربو پنھنجي ملڪ جي بچاءَ جي حق تحت ڪيو آھي.ھن جو چوڻ ھو تھ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي اصل ۾ آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي غيرذميواراڻي رويي ۽ عمل تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي.جيڪي ھن خطي ۾ سمورو سال چڙ ڏياريندڙ مشقون ڪندا رھندا آھن.جنھن ڪري خطي ۾ سنگين ڇڪتاڻ وڌي ٿي.

اتر ڪوريا جي طاقتور اڳواڻ ڪم يو جونگ وڌيڪ چيو ته آمريڪي پاران باربار ايٽمي هٿيارن جي نمائش جو واضح مقصد اتر ڪوريا کي حدف بڻائي ڪئي وڃي ٿي ۽ اهو خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ جو بنيادي سبب آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.