سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري آڏو نالن جي متاثرن جو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري آڏو نالن جي متاثرن طرفان احتجاج ڪيو ويو، سخت نعريبازي ڪئي وئي، سپريم  ڪورٽ ڪراچي رجسٽري آڏو اورنگي ۽ گجر نالن جي متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ شريڪ، گهر ٺهرائي ڏيو جا نعرا هنيا ويا، متاثرن چيو ته اسان کان اسان جي ڇت کسي وئي، اڃان تائين نه معاوضو مليو ۽ نه ئي گھر ٺهي مليا آھن، سپريم ڪورٽ کي حڪمن تي عمل ناھي ٿي سگھيو، اسان انصاف جي اميد کڻي سپريم ڪورٽ آيا آھيون، احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌ حڪومت ٻن سالن تائين 15 هزار روپيا ڪرائي جي مد ۾ ادا ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.