لياري ۾ غيرقانوني اڏاوت کي پاڻي سميت ڪو به ڪنيڪشن نه ڏنو وڃي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس عبدالرحمان تي ٻڌل ٻه  رڪني بينچ آگرا تاج جي علائقي ۾ غير قانوني اڏاوت واري بلڊنگ ۾ بجلي،گئس ۽ پاڻي  ڪنيڪشن نه ڏيڻ واري ڪيس ۾ عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ ڪيو عدالت ڪي اليڪٽرڪ عملدارن ، ايس ايس جي سي ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي عملدارن کي طلب ڪري ورتو، عدالت چيو ته سڀ کان پهريان مزاحمت سرڪاري ادارن جي طرفان ٿيندي آهي، عدالتي  حڪم تي عمل ناهي ٿيو، آگرا تاج لياري جي علائقي ۾ غيرقانوني اڏاوت کي ڪي به ڪنيڪشن نه ڏنا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.