ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل ) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري اورنگي، گجر ۽ محمود آباد نالن جي رهيل متاثرن کي معاوضن جي فوري ادائگي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت اختيارين کي 15 ڏينهن اندر عبوري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل ۽ متاثرن جي وڪيل وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، عدالت وڪيلن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ صوبائي حڪومت کي ڪابينا جي منظوري لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي، عدالت متاثرن کي متبادل گهر ڏيڻ جي تجويزن تي غور ڪري معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ اورنگي،گجر ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن کي متبادل گهر ۽ معاوضن جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ، ايڊيشنل سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ ڪراچي جي ميئر، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سميت درخواستگذارن جا وڪيل پيش ٿيا، عدالت پنهنجي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ۾ چيو ته ڪير آهن جيڪي قبضا ڪري رهيا آهن اڌ ڪراچي کي ڳوٺ ٺاهيو ويو آهي، اوهان جي پوليس حدخليون نٿي ختم ڪري سگهي ته پرائيويٽ گارڊن کي وٺي اچون، عدالت ۾ چيف سيڪريثري سنڌ چيو ته صرف ڪابينا جي منظوري باقي آهي اسان کي مهلت ڏني وڃي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اوهان صرف ڪابينا جي چڪر ۾ رهندا يا وري ڪجهه ڪندا، هي ڪابينا نه سپريم ڪورٽ جو حڪم آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪازمين رکي آهي يا نه، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته زمين موجود آهي ڏسڻو آهي ته هن تي قبضو آهي ته اهو ختم ڪرايو ويندو، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن عدالتي حڪم تي عمل نه ڪيو ته توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي .