سپريم ڪورٽ بار جي بيان کان صدر جي لاتعلقي

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ بار جي صدر شهزاد شوڪت فون تي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان رابطو  ڪري بار جي جاري ٿيل بيان کان لاتعلقي  ظاهر ڪئي آهي. صحافي عمران وسيم جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ بار جي صدر شهزاد شوڪت عمري جي ادائگي لاءِ سعودي عرب ويل آهي. سندس غير موجودگيءَ ۾ بار بيان جاري ڪري تڪبندين تي خدشا ظاهر ڪيا هئا ۽ اڻ سڌي طرح اليڪشن ڪميشن تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي هئي. اهڙي ڄاڻ ملڻ تي بار جي صدر شهزاد شوڪت فون تي چيف اليڪشن ڪمشنر سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته هو جلد وطن پهچي معاملي کي ڏسندو، جاري ٿيل بيان سان سندس ڪو به تعلق نه آهي.

مريم نواز ۽ تهمينا دولتانا ۾ گرما گرمي

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) چونڊن لاءِ اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ ن ليگ جي اليڪشن بورڊ جي اجلاس ۾ ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ  تهمينا دولتانا ۽ مريم نواز ۾ اوچتو سخت جملن جي ڏي وٺ  ٿي ۽ اجلاس ۾ گرما گرمي پيدا ٿي وئي. ان دوران نواز شريف مداخلت ڪري مريم نواز کي اشارو ڪري خاموش ڪرايو ۽ معاملو اڳتي وڌڻ کان روڪي ورتو، جڏهن ته عورت اميدوار مريم نواز جي تعريف ڪنديون رهيون جنهن تي مريم نواز ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي رهي.

چونڊون 8 فيبروري تي نه ٿينديون، شرطون لڳي ويون

لاهور (عوامي آواز نيوز)  آمريڪا ۾ آرمي چيف جي چونڊن بابت چيل جملي کانپوءِ ملڪ ۾ شرطون لڳي ويون آهن ته 8 فيبروري تي  چونڊون نه ٿيديون. نامياري صحافي  نور الله موجب اهي به اطلاع آهن ته آرمي چيف آمريڪا  کان لنڊن پهتو آهي ۽ نگران حڪومت جي اهم شخصيت به هنگامي طور لنڊ رواني ٿي وئي آهي. جنهن کانپوءِ افواهن جو طوفان اچي ويو آهي. خاص طور چونڊن جي تاريخ بابت مختلف اڳ ڪٿيون ڪيون پيون وڃن، لنڊن ويل اهم شخصيت هن وقت پنجاب ۾ مقرر آهي. جيڪا چونڊن کانپوءِ به اهم هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.