مرپورخاص(بيورورپورٽ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ ڪمشنر آفيس ميرپورخاص ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن ايشور لعل، احمد شاهه، ايس ايم بي آر زاهد عباسي، صوبائي سيڪريٽرين ۽ ڪمشنر ميرپورخاص فيصل عقيلي شرڪت ڪئي. گڏجاڻي؛ وڏي وزير کي ڪمشنر ميرپورخاص پاران سڄي ڊويزن بابت بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي خطاب ڪندي نگران وڏي وزير سنڌ چيو ته مون سڄي ڊويزن جو دورو ڪيو آهي پر سنڌ حڪومت پاران فراهم ڪيل صحت جون سهولتون مريضن کي فراهم نه پيون ڪيون وڃن صحت کاتي جي ڪارڪردگي انتهائي ناقص آهي. نگران وڏي وزير سنڌ سيڪريٽري صحت، ڊي جي هيلٿ ۽ ڊائريڪٽر هيلٿ کي چيو ته توهان انسپيڪشن جي ضابطن تي عمل نه ٿا ڪريو، ڪنهن به اسپتال ۾ مڪمل سهولتون موجود نه آهن ۽ مان صحت کاتي جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن نه آهيان، سنڌ جي نگران وڏي وزير سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سول اسپتال ميرپورخاص جي عمارت اڃا تائين ڇو مڪمل نه ڪئي وئي آهي، نگران وڏي وزير آبادگارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڀاڻ جي کوٽ جلد ختم ڪري آبادگارن جا جائز مسئلا حل ڪيا ويندا.