مٺي(رپورٽ:غازي بجير) نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس (ر) مقبول باقر ٽن هفتن اندر مصري شاهه آر او پلانٽ مٺي کي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نگران وڏي وزير سنڌ پبلڪ هيلٿ کاتي جا بل ادا ڪري بجلي بحال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا ، نگران وڏي وزير سنڌ جي سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ شاهه زمان کھوڙو ۽ چيف انجنيئر سان الڳ الڳ اجلاس دوران ڪيو، سنڌ جي نگران وڏي وزير وڌيڪ هدايت ڪئي ته اسلم ڏاهري بدران ٻيو ايڪسين لڳائي پلانٽ بحال ڪيو وڃي،اُهو واضح هجڻ گهرجي ته مصري شاهه آر او پلانٽ 2 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪري ٿو ۽ آر او پلانٽ بحال ٿيڻ سان مٺي شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن کي روزانو 2 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪري سگهجي ٿو، سنڌ جي نگران وڏي وزير 1.5 ايم جي ڊي اسلام ڪوٽ آر او پلانٽ جي بحالي لاءِ ڪم شروع ڪرڻ جا حڪم پڻ ڏنا ۽ سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ کي هدايت ڪئي ته سٺو ڪانٽريڪٽر مقرر ڪري اسلام ڪوٽ آر او پلانٽ کي شروع ڪيو وڃي، وڏي وزير چيو ته جڏهن ڪروڙين روپين سان عوام کي پاڻي پهچائڻ لاءِ پلانٽ لڳايا ويا آهن ته ٺيڪ ٿيڻ گهرجن،هن سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ کي هدايت ڪئي ته هڪ ئي مهيني ۾ 242 ننڍا ۽ وڏا آر او پلانٽ بحال ڪيا وڃن، مان مٺي ۽ ان جي سمورن ڳوٺن کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت فراهم ڪندس، سنڌ جي نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ٿر ڪول بلاڪ ٽو ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جو دورو ڪيو، سي اي او اينگرو انرجي يوسف صديقي ۽ سي اي او سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني عامر اقبال سندس آجيان ڪئي، وڏي وزير ڪوئلي جي پيداوار جي عمل ۾ وڏي دلچسپي ورتي ۽ آپريشنل معاملن ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني طرفان اختيار ڪيل حفاظتي اپائن کي ساراهيو، وڏي وزير چيو تھ ٿر جي عورتن کي ڊمپر هلائيندي ڏسي خوشي ٿي، سنڌ اينگرو ڪل مائننگ ڪمپني جو اھو انتھائي اتساھيندڙ ڪم آھي.