لکي غلام شاهه ۾ بدامني جي باهه، وڌيڪ 3 ڄڻا اغوا، مغوين جو انگ 9 ٿي ويو

لکي غلام شاهه (رپورٽ نديم جان مهر) لکي غلام شاهه تعلقي مان وڌيڪ ٽي ڄڻا اغوا ٿي ويا، هڪ هفتي اندر 7 ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو اغوا ٿيلن جو انگ 9 ٿي ويو، رستم ڀرسان سم شاخ تي واقع پ پ / اڳواڻ ڪامران خان مھر جي مڇي جي فارم تي ستل ٻن ڄڻن جان محمد ميراڻي طارق ميراڻي کي اغوا ڪيو ويو آهي ساڳئي رات دائم ملڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بيجلو واسي نوجوان مجاهد سهندڙو کي پڻ ڳوٺ ٻاهران ڪڻڪ کي پاڻي ڏيڻ دروان اغوا ڪيو ويو، ساڳئي وقت اڳ ئي 6 ڄڻا منصور بروهي محمد پناھ مهر ميران بخش ملڪ مشتاق ملڪ محمد رمضان ڀيو شاهد علي ڀيو ڌاڙيل وٽ باندي بڻيل آهن رستم ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيلن جو انگ 5 دائم ملڪ ٿاڻي جي حد مان 3 ۽ چڪ جي حد مان هڪ ڄڻو اغوا ٿيل آهي مغوين جو انگ 9  ٿي ويو، مغوي منصور بروهي جي وارثن عبدالرحمان بروهي مولابخش بروهي دل مراد بروھي جي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر عمران سان ملاقات ڪري مغوي نوجوان جي بازيابي ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.