ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ پيپر ٻيهر ليڪ ٿيڻ بابت اسٽي آرڊر برقرار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جو پيپر ٻيهر ليڪ ٿيڻ واري ڪيس ۾ اسٽي آرڊر برقرار رکندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽  جسٽس مبنين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ واري درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ درخواستگذارن جي وڪيل الطاف احمد شيخ ۽ طارق مسعود سميت ٻيا آفيسر پيش ٿيا، سنڌ حڪومت پاران به جواب جمع ڪرايو ويو، ڪجهه وڌيڪ شاگردن به پيپر ليڪ ٿيڻ خلاف وڌيڪ درخواستون داخل ڪرائي ڇڏيون، عدالت چيو ته سڀني درخواستن کي گڏڪري فيصلو ڪيو ويندو، ٻڌڻي جي موقعي تي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان شاگرد عدالت آڏو گڏ ٿي ويا، شاگردن چيو ته ڊائو يونيورسٽي پاران 10 سيپٽمبر تي ڪرايل ٽيسٽ جو پيپر ليڪ ٿيو هو، حيرت جي ڳالهه آهي ته 19 نومبر تي ٻيهر ڪرايل ٽيسٽ جو پيپر به ليڪ ٿي ويو، پيپر ليڪ ڪرائيندڙ مافيا خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

سڀني سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وڃي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (م ڊي) اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري تي عام چونڊن لاءِ سڀني سياسي جماعتن کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته حڪومت چيف سيڪريٽرين، ڊي سيز ۽ ڊي پي اوز کي ليول  پليئنگ فيلڊ ڏيڻ جو پابند بڻائي. ڪجهه ڏينهن اڳ به چيف اليڪشن ڪمشنر چيو هو ته سڀني جماعتن کي ليول پليئنگ فيلڊ ملندي، جنهن شهر ۾ هڪ جماعت کي جلسي جي اجازت ملي ته سڀني کي ملندي. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف باني جو مخالف ناهيان، هن منهنجي نامزدگي ڪئي، هو منهنجو پسنديده رانديگر رهيو آهي، منهنجي گهر ۾ ان جون تصويرون لڳل آهن.

ن ليگ پولنگ ڏينهن کان چونڊ شيڊيول ۾ ترميم جو مطالبو  ڪري ڇڏيو

لاهور (م ڊ) ن ليگ پولنگ جي تاريخ تبديل ڪرڻ بنا چونڊ شيڊيول ۾ ترميم جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ن ليگ جي اليڪشن سيل جي چيئرمين اسحاق ڊار طرفان اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ويو آهي،  جنهن ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ جي ڏينهن کي ڇڏي چونڊ شيڊيول ۾ تبديلي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. اسحاق ڊار طرفان لکيل خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ رڳو 3 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي، اسڪروٽني لاءِ 7 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت انتهائي گهٽ آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ خاص دستاويز گهربل هوندا آهن، اڻ پورن دستاويزن جي بنياد تي نامزدگي ڪاغذ رد ٿي سگهن ٿا، اليڪشن ڪميشن کان مطالبو آهي ته چونڊن جي تاريخ تبديل ڪرڻ بنا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن واڌ ڪئي وڃي.

عوام آمريڪي ايجنٽن مان تنگ ٿي چڪو آهي: سراج الحق

حيدرآباد(پ ر)جماعت اسلامي جي امير  سراج الحق چيو آهي ته 8 فيبروري بيڪار نظام کي ختم ڪري ڇڏيندي. عوام جي فتح ٿيندي. آمريڪا چاهي ٿو ته هن جا وفادار اقتدار ۾ اچن، ۽ هنن مان عوام تنگ ٿي چڪو آهي. جماعت اسلامي  مزدورن هارين ۽ عام پاڪستانيون جي مدد سان استعمار جي ايجنٽن کي شڪست ڏيندي،ريلوي هيڊ ڪوارٽر ۾ مزدور ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ريلوي ۽ ٻين قومي ادارن کي وڪرو جي مخالفت ڪئي ، 12000هزار ڪانٽريڪٽ تي مقرر ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي ۽ ملازمن جي ٻارڙن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو وڃي. ۽ پينشن ملازمن جو حق آهي. هن چيو ته پگهارن ۽ پينشن  ڏيڻ کي آسان بڻايو وڃي. هن ريلوي جي ملازم پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن جماعت اسلامي اوهان سان گڏ بيٺي آهي ۽ بيٺي رهندي. هن چيو ته غريبن جي ٻارڙن کي بنا رشوت جي نوڪري نٿي ملي. پر اميرن جي ٻارڙن کي جلد نوڪري ملي ٿي هن چيو ته جماعت اسلامي عوام جي  طاقت سان اسلام جي حڪمراني قائم ڪندي.

جيڪب آباد: جي يو آءِ ۽ محمد ميان سومرو ۾ هڪٻئي سان سهڪار تي اتفاق

جيڪب آباد (رپورٽ :سڪندر علي سرڪي) جمعيت علماءُ اسلام جيڪب آباد ضلعي جي وفد ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جي قيادت ۾ اڳوڻي وفاقي وزير محمد ميان سومرو سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾  عام چونڊن جي سلسلي ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽  عام چونڊن ۾ هڪٻئي سان تعاون ۽ متفق اميدوار آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وڌيڪ مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ چيو ته جلد ضلعي ۾ سرپرائيز ڏينداسين، ملاقات ۾ اليڪشن جي اسٽريٽجي تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اميد ڪئي وئي ته چونڊن ۾ اسان جو پينل وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندو. وفد ۾ مولانا عبدالجبار رند ،حافظ مير محمد بنگلاڻي، مير شفيق احمد کوسو ،محمد خان کوسو ، مير اصغر خان پنھور. انور علي سومرو ،بشير احمد سومرو ،حاجي غلام نبي رند،حافظ مرتضي کوسو به موجود ھئا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.