لاهور (عوامي آواز نيوز) عام چونڊن جي 8 فيبروري واري تاريخ تي هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا ۾ ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف آمريڪا جي دوري دوران پاڪستاني سفارتخاني ۾ پاڪستاني ڪارو باري شخصيتن سان ملاقات ۾ چيو آهي ته چونڊون فيبروري ۾ ٿينديون. پر تاريخ هفتو يا ڏهه ڏينهن اڳتي پٺتي ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس چئي چڪو آهي ته چونڊن جي 8 فيبروريءَ جي تاريخ پٿر تي ليڪ آهي. ان کان اڳ مولانا فضل الرحمان ۽ ن ليگ اڳواڻ امير مقام اها ڳالهه ڪري چڪا هئا ته فيبروري ۾ شديد برفباري ٿيندي ان ڪري چونڊون ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪيون وڃن. ان بعد اڳوڻي صدر آصف علي زرداري انٽرويوءَ ۾ اها ڳالهه چئي هئي ته چونڊون مقرر تاريخ کان هفتو يا 10 ڏينهن اڳتي پٺتي ٿي سگهن ٿيون. صحافي موجب اسٽيبلشمينٽ شايد امن امان جي اوٽ ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ چونڊ ملتوي ڪرائڻ چاهي ٿي. ان جو پس منظر اهو ٿي سگهي ٿو ته هڪ ته عمران خان جو فيصلو ٿي وڃي ته هو چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهل هوندو يا نه ۽ بيلٽ پيپر تي بيٽ جو نشان هوندو يا نه هوندو. ان دوران احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي گاڏيءَ تي فائرنگ، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي گهر تي ڌماڪو، اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ حبيب الله ڪنڊي جي گهر اندر قتل جا واقعا امن امان جي خراب صورتحال طرف اشارو آهن. ڏسڻو آهي ته اٺ ڪهڙي پاسي ليٽي ٿو.