واشنگٽن(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته لاجسٽڪ سبب ڪجهه ڏينهن چونڊون اڳيان پٺيان ٿي سگهن ٿيون پر ملتوي نه ٿينديون. آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته ڇا به ٿئي، عام چونڊون سينيٽ چونڊن کان اڳ ۾ ئي ٿينديون، ملتوي نه ٿينديون. ملڪ ۾ عام چونڊن جو گهڻو امڪان فيبروري ۾ آهي. آمريڪي اداري ”وائس آف آمريڪا“ جي رپورٽ موجب هن وڌيڪ چيو ته مارچ ۾ سينيٽ چونڊن کان اڳ چونڊون هر صورت ۾ ڪرايون وينديون. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪي دوري تي آيل پاڪستاني آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ملڪ ۾ مارچ کان اڳ عام چونڊون ڪرايون وينديون. رپورٽ موجب پاڪستان جي نگران حڪومت جي سيڙپڪاري واري اڳوڻي وزير ۽ پاڪستاني-آمريڪي صنعتڪار طاهر جاويد 14 ڊسمبر تي واشنگٽن ڊي سي ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ٿيل تقريب ۾ شرڪت ڪئي، هن هڪ خصوصي انٽرويو ۾ چيو. وائيس آف آمريڪا لاءِ آرمي چيف جو چوڻ آهي ته لاجسٽڪ سبب چونڊون ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ٿي سگهن ٿيون پر اهي چونڊون هاڻي نه ملتوي ٿينديون. چونڊن جو عمل نه رڪجندو. 03