استاد بخاري: ڌرتي، سرتي، امن ۽ محبت جو شاعر

عبدالحئي ڀٽو

اسان پنهنجي سنڌ ڌرتي تي نظر ڊوڙائينداسين ته ڏسڻ ۾ ايندو ته هن ڌرتي پنهنجي ڪک مان ڪيترن ئي شاعرن کي جنم ڏنو آهي، جن سنڌي شاعري ۾ پنهنجي جهولي ڀرڻ ۾ ڪونه گهٽايو آهي. ادبي تاريخن جي محققن ۽ مورخن جو چوڻ آهي ته  خوش نصيب آهي اها سرزمين يا ٻولي جنهن وٽ شاعرن جو تعداد وسيع تر آهي. ادبي تاريخ جي شروعات کي ڏسبو ته ان جو آغاز شعر کان ٿيو آهي. اسان جي سونهن ڀري سنڌڙي جي هر هڪ ڪنڊ ۾ سنڌي شاعرن جي طبع آزمائي ڪئي آهي. ان کي نوان رنگ روپ بخشيا آهن، انهن شاعرن مان استاد بخاري به هڪ آهي. استاد هڪ اهڙو ستارو هو، جنهن جي ڏنل روشني صدين تائين زندهه رهندي استاد بخاري 16 جنوري 1930ع تي ڳوٺ غلام چانڊيو ضلعي دادو ۾ سيد حاجن شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس نالو سيد احمد شاهه رکيو ويو.

استاد بخاري هڪ البيلو شاعر هو، هن بلڪه هڪ عظيم ۽ هر دلعزيز انسان ۽ هڪ بيمثال استاد پڻ هو. استاد سنڌ سان ٿيندڙ ظلم جو جواب نهايت دليري ۽ جوش منجهان قلم ذريعي ڏنو، ڪي مڻيادار ماڻهو خبر ناهي ته ڪهڙي سرهاڻ کڻي ٿا هن دنيا ۾ اچن، جو چوڌاري سندن نانءَ جي خوشبوءِ پکڙجي وڃي ٿي. استاد بخاري سان ته سڀني پيار ڪيو ۽ استاد سڀني کي پيار اهڙو ڏنو جنهن جو ڪو انت ۽ نه ئي حد حساب. هن پنهنجي نالي سان نه پر پنهنجي معتبر تخلص سان به توڙ نڀائيندي انهن قابل استادن جي نگاهه سان قوم جي نفسيات کي جاچيو. استاد بخاري هڪ سچو ايماندار ۽ ڏاهو انسان هو. استاد ته پنهنجي سڄي زندگي ۾ ڪنهن کي به دوکو نه ڏنو. تڏهن هڪ جڳهه تي چيو آهي ته:

                ڪنول گل مان ڪو ڪونه ٿيندو نه ٿيندو

                بخاريءَ کان دوکو نه ٿيندو نه ٿيندو

                ملهائي جونه ٿڃ پنهنجي جيجل جي لوڪو

                اهڙو ڪوبه دوکو نه ٿيندو نه ٿيندو.                                    (استاد بخاري)

                                                ……..

                وينجهر تنهنجي وس ، برسيا موتي ماڳ تي،

                گوهر مٿان گس، ماڻڪ هر هڪ هٿ ۾                           (استاد بخاري)

استاد بخاري ماکي کان مٺڙو شاعر هو، هن سنڌيءَ ٻولي کي اڳتي آڻڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙيو، استاد جي ته تعليم ۾ ڪنهن قسم جي ڪابه کوٽ نه هئي، هو پنهنجي شاگردن تي بي انتها محنت ڪندو هو، استاد کي پنهنجي پيشي سان ڏاڍو چاهه هو، استاد جي محنت سان ئي ان جي شهر جا ماڻهو عظيم انسان دانشور ۽ اديب پيدا ٿيا آهن. استاد جو ٻارڙن سان ڏاڍو پيار هو. ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ دفعو استاد ڪنهن ڪم سان دادو وڃي رهيو هو ته واٽ ۾ هڪ معصوم ٻار کيس چيو ته سائين مون کي پنهنجي استاد لٺين سان ليٽائي ڪٽيو آهي، استاد کيس پنهنجي ڪلهي تي کڻي سڌو ان جي استاد ڏانهن ويو ۽ ان کي چيائين ته تون وڏو ظالم آهين، تون ته پوليس وارن کان به ظالم آهين، اي ظالم توکي خبر آهي، هي گل جيئان نازڪ آهي. تون ته پيغمبري پيشي کي لڄايو آهي. مطلب ته بخاريءَ جو ٻارڙن سان به ڏاڍو پيار هو. بخاري ته ٻارڙن لاءِ ڪافي لکيو آهي. تڏهن بخاري هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته:

                اسين آهيون سادا چئون ٿا مڃون ٿا

                مگر حق ۽ ناحق سڃاڻي وڃون ٿا.

                حقيقت جي قدمن کي نوڙي چمون ٿا

                ۽ ناحق جي پڳڙي لتاڙي وجهون ٿا.

استاد بخاري دنيا جي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سرجڻهارن مان هڪ هو، جيڪي پنهنجي پوري زندگي مسلسل عمل ۽ سچائي سان گذاري چڪا آهن. استاد بخاري جو عمل ۽ سچائي اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مشعل جوڪم ڏيندي رهندي، سندس هڪ هڪ سٽ ۾ مسلسل عمل ۽ سچائي جو پيغام ڏنل آهي. استاد کي پنهنجي قوم سان محبت هئي، استاد کي غريبن جي درد جو احساس هو، تڏهن ته هڪ جڳهه تي شيخ اياز چيو آهي ته:

                ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا،

                گهايل ڌرتيءَ جي سيني تي،

                اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،

                جاهن ڪنهن کي جاڳائي ٿي،

                جا دنيا کي بدلائي ٿي.                      (اياز)

استاد بخاري اسان جو انقلابي استاد هو ۽ پنهنجي سنڌي ادب جو هڪ سپهه سالار هو، استاد بخاري اتان جو آهي، جتي سنڌ جي تاريخ ۾ اتهاس پنهنجو جوڀن گذاريو، ائين ٿو ڀائنجي ته سنڌ جي تاريخ ۽ اتهاس جو شعور هن جي لفظن ۾ اوتجي آيو آهي، هن سنڌ جي اصل وارثن، ڳوٺن وستين ۽ واهڻن جي رهواسين سان گڏجي وجود جا گوندر گهاريا آهن، ان ڪري هن جي لفظن جي متحرڪ ۽ جيئريون جاڳنديون حقيقتون عڪس بڻجي ٿيون اڀرن ۽ هو استاد به آهي. مطلب ته بخاري سنڌ جو وڏو شاعر آهي. سنڌ جو عظيم انسان استاد بخاري اسان کان 09 آڪٽوبر 1992ع ۾ جمع جي ڀلاري ڏينهن تي سدائين لاءِ جدا ٿي ويو. استاد بخاري هن دنيا کان منهن موڙڻ کان چند لمحا اڳ سنڌ واسين لاءِ هي سنيهو ڏنو ته توهان کي پنهنجي خواب ڪتابن ۾ ڏيو ٿو وڃان، اوهان مون کي منهنجي اولاد جيان آهيو، لڳ لاڳاپا، رشتا ناتا ۽ تعلق اٽوٽ ٿيندا آهن، جيڪي موت جي سرحدن کان تمام گهڻا مٿانهان هوندا آهن.

You might also like