حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ٿيل ڳالهيون شروع کان ئي ناڪاميءَ ڏانهن ويندي نظر اچي رهيون هيون، جيتوڻيڪ ٻنهي ڌرين جو آمهون سامهون ڳالهين جي ميز تي ويهڻ هڪ مثبت اڳڀرائي ضرور هئي. اها ملاقات ان وقت ٿي، جڏهن تحريڪ انصاف طرفان اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي، جڏهن ته حڪومت خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو آپشن به سامهون رکي رهي هئي. سياسي ماحول ۾ ڇڪتاڻ چٽي نظر اچي رهي هئي. اسلام آباد کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو هو ۽ شاهراهن تي به رڪاوٽون وڌيون ويون هيون.
ڳالهين کان ڪجهه ڏينهن اڳ عسڪري قيادت 9 مئي جهڙي صورتحال ٻيهر پيدا ٿيڻ خلاف خبردار ڪيو هو، جيڪو مخالف ڌر لاءِ واضح پيغام هو ته مقرر ڪيل حد کان اڳتي نه وڌي. ٻئي طرف مخالف ڌر جي ڪجهه اڳواڻن جي ڪوشش هئي ته ڳالهين ذريعي ڪنهن ٺاهه تائين پهچي سياسي گرمي پد گهٽايو وڃي. ڊگهي وقت تائين جاري رهندڙ ڳالهين مان محسوس ٿيو ته ٻنهي ڌرين ۾ ڪنهن حد تائين سنجيدگي موجود هئي، پر هڪ ٻئي تي بي اعتمادي ۽ دٻاءُ وڌائڻ واري سياسي حڪمت عملي ڪنهن اڳڀرائيءَ جي راهه روڪي ڇڏي. ڊگهي ويهڪ کان پوءِ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جا سبب ٻنهي ڌرين مختلف انداز ۾ بيان ڪيا. حڪومت جو موقف هو ته مخالف ڌر حتمي مسودي تي اتفاق ڪرڻ کان پوءِ پوئتي هٽي وئي، جڏهن ته مخالف ڌر ان ڳالهه کي رد ڪندي چيو ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ اختلاف ايترا گهڻا هئا، جن کي ختم ڪرڻ ممڪن نه هو. اهو مبينا حتمي مسودو عوام آڏو موجود ناهي، پر ٻن اهم معاملن تي اختلافن ڳالهين کي ڪنهن نتيجي تائين پهچڻ نه ڏنو. تحريڪ انصاف عمران خان سان ملاقات تي زور ڏئي رهي هئي، جڏهن ته حڪومت چاهي ٿي ته خيبرپختونخوا جي صوبائي حڪومت سيڪيورٽي فورسز طرفان دهشتگرديءَ خلاف هلندڙ آپريشن جي غير مشروط حمايت ڪري.
حڪومت مخالف ڌر جو اهو مطالبو مڃڻ لاءِ تيار هئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب اڳوڻي وزيراعظم کي سندس خاندان ۽ وڪيلن سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي، ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سندس طبي علاج جو بندوبست پڻ ڪيو وڃي. پر حڪومت معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي عمران خان سان ملاقات ڪري صلاح مشورو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي ۽ ان شرط کي ناقابل قبول قرار ڏنو. موجوده سياسي عدم استحڪام دهشتگردن لاءِ وڌيڪ گنجائش پيدا ڪري ڇڏي آهي.
بهرحال، ڳالهين جي رڪجڻ جو اصل سبب صوبائي حڪومت طرفان دهشتگرديءَ خلاف ڪارروائي جي حمايت ۽ ڏاکڻين پنجن ضلعن، جن ۾ اڳوڻا قبائلي علائقا به شامل آهن، ۾ رٿيل فوجي آپريشن جي سياسي ذميواري قبول ڪرڻ وارو معاملو هو. صوبائي حڪومت لاءِ اهو انتهائي حساس ۽ پيچيده مسئلو هو، ڇاڪاڻ ته اها آباديءَ جي لڏپلاڻ جو سبب بڻجندڙ ڪنهن به فوجي آپريشن جي سخت مخالفت ڪندي رهي آهي. ماضيءَ جي فوجي آپريشنن جون تلخ يادون پڻ عوام ۾ اهڙي ڪنهن ڪارروائي خلاف شديد ردعمل جو سبب بڻيل آهن. هن سال جي شروعات ۾ صوبائي حڪومت طرفان گهرايل هڪ گهڻ جماعتي اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي سان تعلق رکندڙ صوبائي اسيمبلي ميمبر پڻ شريڪ ٿيا هئا. اجلاس ۾ وڏي پيماني تي فوجي آپريشن جي گڏيل طور مخالفت ڪئي وئي هئي. اهڙي صورتحال ۾ تحريڪ انصاف لاءِ اهڙي انتهائي غير مقبول ڪارروائيءَ جي سياسي ذميواري قبول ڪرڻ ڏکيو هو. اهو ممڪن آهي ته تحريڪ انصاف وٽ صوبي جي وڏي حصي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندڙ دهشتگرديءَ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ واضح حڪمت عملي موجود نه هجي. سندس بي عملي، جنهن کي ڪيترائي ماڻهو حالتن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻ سان تعبير ڪن ٿا، مسئلو وڌيڪ سنگين بڻايو آهي. محدود وسيلن واري پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي دهشتگردن طرفان مسلسل نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن سبب متاثر ضلعن ۾ انتظاميا جو ڍانچو تقريبن مفلوج ٿي ويو آهي. اها بي عملي تحريڪ انصاف ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ سان پڻ لاڳاپيل قرار ڏني وڃي ٿي.
هڪ اهم سوال اهو پڻ آهي ته ڇا ملڪ وٽ هن وجودي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا واضح ۽ جامع قومي سلامتي پاليسي ۽ دهشتگرديءَ خلاف ڪا حڪمت عملي موجود آهي؟ اندروني سلامتيءَ جي پاليسيءَ بابت پارليامينٽ ۾ تمام گهٽ سنجيده بحث ٿيو آهي. گهڻو ڪري اهو معاملو سيڪيورٽي ادارن تي ڇڏيو ويو آهي، جڏهن ته چونڊيل سياسي قيادت طرفان پاليسي جوڙڻ ۾ تمام گهٽ حصو نظر اچي ٿو.
خيبرپختونخوا گذريل پنجن سالن دوران دهشتگرديءَ جي مضبوط واپسي ڏٺي آهي، جنهن ۾ هزارين عام شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جون جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. گذريل سال صوبي ۾ 2013ع کان پوءِ دهشتگرد حملن جو سڀ کان وڌيڪ انگ رڪارڊ ٿيو، جيتوڻيڪ ان دوران انٽيليجنس بنياد تي ڪامياب ڪاررواين ۾ سوين دهشتگردن کي مارڻ جون دعوائون پڻ ڪيون ويون. موجوده سياسي عدم استحڪام دهشتگردن کي وڌيڪ گنجائش فراهم ڪئي آهي. اهي هاڻي وڌيڪ بهتر هٿيارن سان ليس ۽ منظم آهن ۽ پنهنجي سرگرمين کي صوبي جي ٻين علائقن تائين پڻ وڌائي رهيا آهن.
پاڪستان افغانستان جي طالبان حڪومت تي تحريڪ طالبان پاڪستان کي پناهه ڏيڻ ۽ مدد فراهم ڪرڻ جا الزام لڳائيندو رهيو آهي. هاڻي هر وڏي دهشتگرد حملي جي جواب ۾ پاڪستان طرفان سرحد پار ڪارروايون پڻ ڪيون وڃن ٿيون. گذريل هڪ سال دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحد ۽ واپار جي بندش جو مقامي آباديءَ تي سڌو اثر پيو آهي، جنهن سان پشاور ۽ اسلام آباد وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ بابت رياستي پاليسيءَ ۾ سنجيده هم آهنگيءَ جو فقدان نظر اچي ٿو، جنهن کي حڪومت کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
قومي سلامتيءَ لاءِ جامع پاليسيءَ جي ضرورت بابت ڪو به اختلاف نٿو ٿي سگهي، پر ان سان گڏ ضروري آهي ته سمورن لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي هڪ اهڙي جامع پاليسي جوڙي وڃي، جيڪا رڳو فوجي ڪاررواين تي دارومدار نه رکي. متاثر علائقن ۾ عوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ سماجي ۽ معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ به ضروري آهي. رياست ۽ عوام وچ ۾ وڌندڙ بي اعتمادي ۽ سياسي محاذ آرائي دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڏيون رڪاوٽون بڻجي رهيون آهن. ٻنهي ڌرين جي ٻيهر ڳالهين جي ميز تي موٽڻ جون اميدون گهٽجي ويون آهن ۽ ڇڪتاڻ هاڻي وڌيڪ وڌي وئي آهي. تحريڪ انصاف خيبرپختونخوا جي ڏاکڻين ضلعن کان احتجاجي مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي. لڳي ٿو ته تحريڪ انصاف اسلام آباد ڏانهن سڌو مارچ ڪرڻ واري پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪري ڇڏي آهي. هاڻي پارٽي صوبي اندر پنهنجن حامين کي متحرڪ ڪرڻ ۽ اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ بدران گاديءَ واري شهر جي ويجهو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. هي پهريون موقعو آهي، جڏهن ڪنهن صوبي جو چونڊيل چيف ايگزيڪيوٽو اهڙي احتجاج جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، جنهن سبب سندس ئي صوبي جون سرگرميون مفلوج ٿي رهيون آهن.
ٻئي طرف وفاقي حڪومت تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت کي هٽائڻ ۽ صوبي ۾ ايمرجنسي يا گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. اهڙو قدم ان صوبي لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، جيڪو اڳ ئي دهشتگرد حملن، وڌندڙ قومپرستي ۽ سرحدي ڇڪتاڻ کي منهن ڏئي رهيو آهي. اهڙي رياستي قدم جو اثر ان وقت وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿو، جڏهن ملڪ اڳ ئي بلوچستان ۾ علحدگي پسند تحريڪ ۽ آزاد ڪشمير ۾ بغاوت جهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو هجي.
خيبرپختونخوا هن وقت انتهائي نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي. صوبائي اسيمبليءَ ۾ وڏي اڪثريت رکندڙ ۽ وسيع عوامي حمايت واري چونڊيل حڪومت کي اقتدار کان هٽائڻ سان اهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن کي بعد ۾ سنڀالڻ رياست لاءِ انتهائي ڏکيو بڻجي وڃي. اسان اڪثر پنهنجي تاريخ مان سبق سکڻ ۾ ناڪام رهندا آهيون، ساڳيون غلطيون بار بار ورجائيندا آهيون ۽ پوءِ مختلف نتيجن جي اميد رکندا آهيون.